Showing posts with label SINDH ISSUES. Show all posts
Showing posts with label SINDH ISSUES. Show all posts

Sunday, 5 July 2015

پير مظهر چوي ٿو




سنڌ جي تعليم کاتي جي تاريخي ڪرپٽ ترين وزير پير مظهر چوي ٿو منهنجي دور ۾ 30 هزار غير قانوني ڀرتيون ڪامورن ڪيون. اهي سڀ ڪامورا تنهنجا چمچا ها جن ڪروڙين روپيا توکي گڏ ڪري ڏنا هاڻي شرم نٿو اچي توکي وٺڻ مهل ٻه هٿ هاڻي وري توبهه توبهه......... چور چور آ پوءِ پير ڇو نه هجي. . استاد لياقت ميراڻي
 

’ایم کیو ایم کی تنظیمی کمیٹی عسکری ونگ کو منظم کرتی ہے‘

رینجرز کے ترجمان نے کہا کہ گرفتار ہونے والوں کو جلد عدالت میں پیش کیا جاتا ہے اور انھیں تمام قانونی حقوق دیے جارہے ہیں
پاکستان کے سب سے بڑے شہر کراچی میں متحدہ قومی موومنٹ اور نیم فوجی ادارے سندھ رینجرز نے ایک دوسرے پر براہ راست سنگین الزامات لگائے ہیں۔
سندھ رینجرز کے ترجمان نے دعویٰ کیا ہے کہ ایم کیو ایم کی قیادت عسکری ونگ چلاتی ہے جبکہ متحدہ قومی موومنٹ کے قائد الطاف حسین نے کہا ہے کہ رینجرز نے صوبہ سندھ کو مقبوضہ سندھ بنادیا ہے۔
دونوں طرف سے یہ الزامات ایسے وقت سامنے آئے ہیں جبکہ شہر میں ایم کیو ایم کے کارکنوں کی گرفتاریوں میں تیزی آئی ہے۔
رینجرز کے ترجمان نے سنیچر کو رات گئے ایک مختصر بیان میں کہا ہے کہ ’ایم کیو ایم کی تنظیمی کمیٹی عسکری ونگ کو منظم کرتی ہے اس لیے اس کے سیکٹر اور یونٹ انچارج گرفتار کیے جا رہے ہیں۔‘
رینجرز کے ترجمان نے کہا کہ گرفتار ہونے والوں کو جلد عدالت میں پیش کیا جاتا ہے اور انھیں تمام قانونی حقوق دیے جا رہے ہیں۔
رینجرز کے ترجمان نے اپنے بیان میں کہا ’رینجرز کا آپریشن کسی سیاسی، مذہبی یا لسانی جماعت کے خلاف نہیں بلکہ گروہوں کے عسکری ونگ اور جرائم پیشہ افراد کے خلاف ہے۔‘
رینجرز کے ترجمان نے دعویٰ کیا ہے کہ گرفتار ہونے والوں میں کچھ لوگ خود بھی گرفتاری دے رہے ہیں۔ ترجمان نے یہ بھی کہا کہ کراچی میں امن کے لیے رینجرز اور عوام ساتھ ساتھ ہیں۔
رینجرز کی جانب سے اس سال مارچ میں ایم کیو ایم کے مرکز نائن زیرو اور اس کی آس پاس کی عمارتوں پر چھاپے اور مطلوب ملزمان سمیت درجنوں افراد کی گرفتاری کے بعد یہ پہلا موقع ہے کہ رینجرز کے ترجمان نے ایم کیو ایم پر عسکری ونگ چلانے کا دعویٰ کیا ہے اور اعتراف کیا ہے کہ اسی وجہ سے اس کے تنظیمی عہدیداروں کو گرفتار کیا جارہا ہے۔
null
متحدہ قومی موومنٹ کے قائد الطاف حسین نے کہا ہے کہ رینجرز نے صوبہ سندھ کو مقبوضہ سندھ بنادیا ہے
رینجرز کے ترجمان کے بیان پر اتوار کی صبح متحدہ قومی موومنٹ کی رابطہ کمیٹی کا ردعمل آیا ہے۔ رابطہ کمیٹی نے ایک بیان میں رینجرز کے ترجمان کے بیان کو انتہائی گمراہ کن قرار دیا ہے اور کہا ہے کہ رینجرز کے ترجمان کابیان اس حقیقت کااعتراف ہے کہ آپریشن صرف اورصرف ایم کیوایم کے خلاف کیاجا رہا ہے۔
بیان میں کہا گیا ہے ’اب اس بات میں کوئی شبہ نہیں رہ گیا کہ آپریشن کامقصد کراچی سے جرائم پیشہ عناصر کا خاتمہ کرنا نہیں بلکہ ایم کیوایم کوختم کرناہے۔‘
اس سے قبل ایم کیو ایم کے قائد الطاف حسین نے ایک بیان میں کہا کہ سندھ کے شہریوں پر رینجرز غیرآئینی، غیرقانونی اور زمانہ جاہلیت کے ظلم و ستم ڈھا رہی ہے۔ ’ایم کیو ایم کے کارکنوں کے ساتھ جنگی قیدیوں جیسا سلوک کیا جارہا ہے اور رینجرز نے پورے سندھ کو مقبوضہ سندھ بنادیا ہے۔‘
ایم کیو ایم کے ایک اعلامیے کے مطابق الطاف حسین نے رینجرز کی کارروائیوں سے آگاہ کرنے کے لیے سنیچر کو وزیر اعلیٰ سندھ سید قائم علی شاہ کو ٹیلی فون بھی کیا مگر ’پہلی کال پر آواز صاف نہیں آ رہی تھی اور قائم علی شاہ اپنی ضعیف العمری کے باعث الفاظ کو صحیح معنوں میں سمجھ نہیں پارہے تھے مگر دوسری بار کال کرنے پر ان کے آپریٹر نے اٹھایا اور اس نے کچھ دیر میں کال کرنے کا وعدہ کیا مگر انھوں نے کال نہیں کی۔‘
ایم کیو ایم کے اعلامیے کے مطابق بعد میں الطاف حسین نے ’پیپلز پارٹی کے شریک چیئرپرسن آصف علی زرداری کو دبئی میں دو فون نمبروں پر کئی بار کال کی مگر وہاں بھی کسی نے فون نہیں اٹھایا۔‘
الطاف حسین نے اپنے بیان میں کہا ’سندھ آگ میں جل رہا ہے لیکن قائم علی شاہ کا غیرذمہ دارانہ رویہ اور آصف علی زرداری کا یہ رویہ انتہائی افسوسناک ہے جس سے اندازہ ہوتا ہے کہ انھیں سندھ دھرتی اور سندھ کے باسیوں سے ذرہ برابر نہ کوئی محبت ہے اور نہ ان کے مستقبل کی فکر ہے۔‘
null
فاروق ستار نے کہا کہ ایم کیو ایم کے کارکنان کو رینجرز اور پولیس کی جانب سے بلاجواز گرفتار کرکے ان پر انسانیت سوز تشدد کیا جارہا ہے
ایم کیو ایم کی رابطہ کمیٹی کے رکن ڈاکٹر فاروق ستار نے سنیچر کو کراچی میں ایک اخباری کانفرنس میں کہا کہ ایم کیو ایم کی سیاسی و فلاحی سرگرمیوں پر غیر اعلانیہ پابندی لگادی گئی ہے۔ انھوں نے کہا کہ پاکستان پروٹیکشن ایکٹ ملک دشمنوں کے خلاف بنایا گیا تھا لیکن بظاہر اسکا استعمال صرف ایم کیو ایم کے خلاف ہو رہا ہے جو ایم کیو ایم پر ظلم ہے اور اس میں ان کے بقول حکومت سندھ اور وزیر اعلیٰ سندھ برابر کے شریک ہیں۔
انھوں نے کہا کہ ’ایم کیو ایم کے پاس آخری امید عوام سے رجوع کرناہے ہم اس ظلم و ستم کے خلاف عوام سے رجوع کرکے جلد پر امن احتجاجی مہم کا آغاز کریں گے۔‘
فاروق ستار نے کہا کہ ایم کیو ایم کے کارکنان کو رینجرز اور پولیس کی جانب سے بلاجواز گرفتار کرکے ان پر انسانیت سوز تشدد کیا جارہا ہے۔
انھوں نے کہا کہ کراچی آپریشن میں جو کچھ ہورہا ہے وہ دہشت گردوں، جرائم پیشہ افراد کے خاتمے کے لیے شروع کیا گیا تھا لیکن اس آپریشن کی آڑ میں ایم کیو ایم کی تنظیمی سرگرمیوں کو مفلوج کیا جارہا ہے۔

ھوشيار


Friday, 19 September 2014

معصوم نياڻي سيتا ڀيلڻ سان تشدد بعد مبينا جنسي ڏاڊائي



نهايت دل ڏاريندڙ افسوس ناڪ خبر
اسلام ڪوٽ ويجھو ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ غريب هاري جي 8 سالن جي معصوم نياڻي سيتا ڀيلڻ سان تشدد بعد مبينا جنسي ڏاڊائي جو شرمناڪ واقعو پيش آيو آهي۔ ظالم جنسي ڏاڍائي کان پوءُ معصوم نياڻي کي بيهوشي واري حالت ۾ جھنگل ۾ اڇلائي هليا ويا۔
6 سالن جي وينتي ميگهواڙ ۽ ڪوٽ غلام محمد جي 8 سالن سيتا ڪولهڻ وانگر هن نياڻي کي بہ هتي جي جاگيردارن جي اثر هيٺ قانون تہ انصاف ڪون ڏئي سگھندو پر هنن سڀني مٿان بہ هڪ منصف ويٺل آهي جيڪو ضرور هنن معصومن سان انصاف ڪندو۔


Friday, 15 August 2014

کراچی: رفاہِ عام سوسائٹی، ملیر کے ایک 29 برس کے مرد میں ’دماغ کھانے والے امیبا‘ یا نیگلیریا فاؤلری کی تصدیق کے بعد وہ اس کے حالیہ متاثرین میں شامل ہوگئے ہیں ۔



کراچی: رفاہِ عام سوسائٹی، ملیر کے ایک 29 برس کے مرد میں ’دماغ کھانے والے امیبا‘ یا نیگلیریا فاؤلری کی تصدیق کے بعد وہ اس کے حالیہ متاثرین میں شامل ہوگئے ہیں ۔
بدھ کے روز حکام نے بتایا کہ تین مہینوں کے دوران سندھ میں اس ہلاکت خیز وائرس کی وجہ سے ہلاک ہونے والوں کی تعداد سات تک پہنچ گئی ہے۔
حکام کا کہنا تھا کہ عادل نجم کو ہسپتال میں نازک حالت میں لایا گیا تھا، جہاں وہ بدھ کے روز انتقال کرگئے۔
تفصیلات کے مطابق عادل حب ریور روڈ کے ساتھ ایک پٹرول پمپ پر بطور اسسٹنٹ کام کرتے تھے اور ایک علاقے میں اعزازی امام تھے۔
ایگزیکٹیو ڈسٹرکٹ ہیلتھ آفیسر کراچی ڈاکٹر ظفر اعجاز نے ڈان سے بات کرتے ہوئے بتایا کہ ’’وہ اس سال سندھ میں نیگلیریا کے ساتوں شکار تھے۔ اس موذی وائرس سے چھ افراد کی اموات کراچی میں رپورٹ کی گئی ہیں، اور ایک حیدرآباد میں۔‘‘
انہوں نے کہا ’’ہم نے ان کے گھر اور کام کرنے والی جگہوں سے پانی کے نمونے حاصل کرلیے ہیں۔‘‘
اس مہلک امیبا کا سب سے کم عمر شکار ایک نو مہینے کی بچی تھی، جس کی وفات پچھلے مہینے ہوئی۔ اس سے پہلے چار برس کا ایک لڑکا سب سے کم عمر شکار تھا، جس کا انتقال 2012ء میں ہوا تھا۔
نیگلیریا کی وجہ سے اس سال کی پہلی ہلاکت 27 مئی کو گلستانِ جوہر سے رپورٹ ہوئی تھی۔

Thursday, 14 August 2014

ڪراچي جي سنڌي وسندين لاءِ ناسور بڻيل، ڏوهارين خلاف ڀٽائي آباد جي رهواسين جو مظاهرو



ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڀٽائي آباد جي رهواسين جو بااثر ڏوهاري ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو، پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ جاني جوکئي ۽ سڪندر چانڊيي چيو ته ڀٽائي آباد، بختاور ڳوٺ، ڌڻي بخش ڳوٺ ۽ راشدي ڳوٺ تي بااثر ڏوهاري مگسي گروپ جو قبضو آهي،  جيڪي هر گهر ۽ دڪان تان ڀتو وصول ڪن ٿا، هنن چيو ته بااثر جو هڪ هٿياربند فورس آهي جيڪو رات جو پهرو ڏيڻ بهاني سان گهرن ۽ دڪان مان ڦر ڪري ۽ انهن خلاف جيڪڏهن ڪو آواز اٿاري ٿو ته ان کي قتل ڪيو وڃي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته بااثر گروپ جي اڳواڻن قربان مگسي، خادم ۽ صبر مگسي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جيڪب آباد جا مسئلا ڪير حل ڪرائيندو؟



محترم اعجاز جکراڻي صاحب اوهان گذريل ڏهن سالن کان وزير هئڻ باوجود شهر کي هيل تائين ڪجهه ناهي ڏنو. نه ئي ڪا پلاننگ مرتب ڪئي آهي. جيڪب آباد شهر ۾ هڪ عام تاثر ماڻهن جي ذهنن ۾ ويٺل آهي ته جيڪب شهر هڪ قطعي عددي اڪثريت جکراڻين جي هئڻ ڪري جکراڻين جو شهر سڏيو وڃي ٿو پر انهي باوجود پاڻي صاف ۽ مٺو نه هئڻ ڪري، ٻار پوڙها ۽ عورتون به پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي لاءِ پريشان آهن. ان کان پوءِ شهر جي ورڊن تي نظر وجهون ٿا ته شهر جا مُکُ روڊ ڪوئيٽا روڊ ڪيترن سالن کان کنڊر بڻيل آهي. ٻئي پاسي ميان محمد سومري جي نالي سان ٺهندڙ لائبريري جنهن جو نالو تبديل ٿي هاڻي شهيد بينظير لائبريري رکيل آهي. ان جي اندر به ڪنهن قسم جي سهوليت مسير ناهي. جيڪب آباد ۾ هڪ شهباز ايئر بيس آهي جيڪو هن وقت شهر جي ايراضي کان ٻيڻ تي وڏو ايئر بيس پورٽ آهي جيڪو پاڪستان جي وڏي ائيرپورٽ جي نالي سان رٿا جوڙي پئي وڃي. جنهن جي وڏي ٿيڻ سان ۽ ان ۾ لهندڙ جنگي جهازن جي  اڏامڻ سان شهر جي ويجهي پسگردائي  ۾ رهندڙ عوام، ٻارڙا، ڳورهارين عورتن، بيمار پيلن مريضن کي خاص ڪري دماغي بيمارين ۽ ذهني شاڪ جو نقصان ٿيڻ جو امڪاني خدشو پڻ لاحق آهي ۽ هن وقت شهر ۾ بجلي جو بحران چوٽ چڙهيل آهي لوڊشيڊنگ روز 14-12 ڪلاڪن تائين رهندي آهي، جنهن سبب ڪاروباري مرڪز کي به وڏو ڌڪ رسي پيو. وري مٿان شهر ۾ ڪو به آفيسر T.M طور مقرر ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جي گهرج آهي. اعجاز جکراڻي صاحب پاڻ عملي طور انهن مڙني مسئلن لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري پاڻمرادو تحرڪ وٺي عوام جي اميدن تي پورو لهي ڏيکاريو،

دادو جي سلميٰ ملاح سان انصاف ڪير ڪندو…..؟ – مقصود چانڊيو/ دادو





دادو شهر جي ملاح چوڪ جي رهواسڻ سلميٰ ملاح جو 18 مهينن جو کيرپياڪ ٻار زيب ملاح بااثر سهري ۽ سندس مڙس وٽ گذريل ڪيترن ئي مهينن وٽ قبضي ۾ آهي جنهن سبب ماءُ جي ممتاز ڏينهن توڙي رات تڙپندي گذري ٿي معصوم پٽ جي بازيابي لاءِ 7 مئي ته متاثر ناري سلميٰ ملاح پنهنجي پئ جمن ملاح، ڀاءُ سليم ملاح سميت پنهنجي ڀيڻن، ڀائرن ۽ عزيزن سان گڏجي ڪجهه مهينا اڳ دادو شهر جي ايس ايس پي چوڪ انڊس هائي وي تي ڌرڻو هنيو جنهن تي دادو پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ ٻارڙي جو معاملو عدالت تائين پهتو جنهن بعد عدالت پوري جانچ پڙتال بعد سلميٰ جي مڙس ۽ سهري کي حڪم ڏنو ته 18 مهينن جو کيرپياڪ ٻاڙ کيس ماءُ کي ڏنو وڃي پر دادو  پوليس عدالتي حڪمن کي ٿڏي معاملي کي لئي مٽ ڪندي ماءُ کي يقين ڏياريو ته جلد ئي ٻار کي بازياب ڪرايو ويندو پر اهو صرف اعلان ئي رهيو، ماءُ جي مجبور ممتا نيٺ ٻيهر پنهنجي معصوم پٽ جي بازيابي لاءِ 3 جون 2014 تي سوين ملاح برادري جي مردن ۽ عورتن سميت ايس ايس پي چوڪ انڊس هاءِ وي تي ٽينٽ هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي روڪي پر امن احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو جيڪو ڌرڻو ٽچڪندڙ گرمي ۾ به 20 ڪلاڪن تائين جاري رهيو ۽ ان دوران ڪيترائي ڀيرا دادو پوليس پاران ساڳيائي آسرا ڏيڻ لاءِ پهچي ڳالهيون ڪيون پر مظاهرين هڪ به نه ٻڌي ۽ اهوئي جواب ڏنو ته ٻارڙو اڄ ئي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي پر دادو متاثرين کي انصاف ڏيارڻ بجاءِ صبح جي سوير آذان وقت ميڊيا ۽ ماڻهن جي غيرموجودگي ۾ موقعي جو فائدو وٺندي 8 ٿاڻن جي پوليس، بڪتر بند گاڏي ساڻ ڪري متاثرين جي پرامن احتجاج تي 22 ڪلاڪ بعد شيلنگ، لاٺي چارج هوائي فائرنگ ڪري مظاهرين پاران پوليس جون ڳالهيون نه مڃڻ تان پوليس ان ايس ايس پي چوڪ کي دادو جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو، پوليس جي ائين بي لغان ۽ هٿ ڇوٽ لٺبازي، شيلنگ ۽ فائرنگ تي مظاهرين  به ڏمرجي پيا ۽ پوليس مٿان سروٽن جا وسڪارا شروع ڪيا ۽ بڪتر بند گاڏين کي پڻ سروٽا هنيا، پوليس جي بي رحماڻا تشدد ۾ 7 عورت مسمات سلميٰ، فوزيا، فرزانه، سڪينه، سميت 20 کان وڌيڪ مرد، محمد جمن ملاح، اڪبر ملاح، سليم ملاح، حاجي خان ۽ ٻيا رتو رت ٿي ويا جن کي پوليس علاج لاءِ سول اسپتال دادو پهچائڻ بجاءِ عورتن ۽ مردن کي جانورن جيان وارن ۽ ڄنگهين مان پڪڙي سخت مارڪٽ جو نشانو ڪندي کين پوليس موبائيل ۾ وجهي دادو ٿاڻي جي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو جتي متاثر عورتون پوليس کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون رهيون جڏهن ته ٿاڻي تي پوليس متاثرن کي سخت گرمي هئڻ باوجود به پاڻي جو ڦڙو به نه ڏنو جنهن سبب ٿاڻي جي ڪمري بند پيل عورتن مان 2 عورتون مسمات سلميٰ ۽ سڪينه ملاح بيهوش ٿي ويون جن کي پڻ پوليس پرائيوٽ ڊاڪٽر کي اسپتال گهرائي ۽ انجيڪشن ڏني، جڏهن ته پوليس بااثرن ايوب ملاح ۽ سندس ساٿارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ انهن کان رشوت طلب ڪري ملاح برادري سان لاڳاپيل ماڻهن جي گهرن ۽ اوطاقن تي ٻيهر پوليس اٽالا ساڻ ڪري چڙهائي ڪئي ۽ ڪيترائي ملاح گرفتار پڻ ڪيا، واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي آ۽ جي سنڌ جي حڪمن تي ڊي آ۽ جي حيدرآباد ايس ايڇ او دادو اڪبر پنهور سميت 10 پوليس اهلڪارن کي معطل پڻ ڪيو پر ايس ايڇ او دادو اڪبر پنهور آءِ جي سنڌ جي حڪمن کي ٿڏي ساڳئي ڪرسي تي اي سيڪشن ٿاڻي تي موجود آهي ۽ ڌرڻي دوران گرفتار ڪيل 10 ڄڻن مٿان دهشتگردي ۽ امن امان کي خراب ڪرڻ جا ٻه ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا جن کي ٻئي ڏينهن نوشهروفيروز جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ آندو ويو جتي مظاهرين کي عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. دادو پوليس مظاهرين کي موري ۾ جانورن جيان ڦٽو ڪري دادو موٽي آئي، جڏهن ته  دادو پوليس جي اهڙي رويي تي نه صرف دادو واسين جي دل آزاري ٿي آهي پر پوليس کي به سٺي نظر سان نٿو ڏٺو وڃي ۽ سياسي سماجي مذهبي تنظيمن سميت شهرين پڻ واقعي جي ڪيترائي ڀيرا سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته دادو جي مقامي عدالت پاران ايس ايڇ او دادو اڪبر پنهور سميت 10 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪرڻ باوجود به مذڪوره ايس ايڇ او پاران ڊيوٽي ڪرڻ خلاف متاثرن سخت احتجاج پڻ ڪيا آهن پر تنهن باوجود به اعليٰ اختيارين جي ڪن تي جون به نه چري آهي، متاثر ناري سلميٰ ملاح ٻڌايو آهي ته ٻارڙو به اسانجو اغوا ڪيو ويو ۽ پوليس اسانکي جانورن جيان تشدد جو نشانو بڻايو انصاف ڪرڻ بجاءِ پوليس ظلم ڪيو ۽ بابا سميت 20 ڄڻن کي رتو رت ڪيو جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته دادو پوليس صرف رشوت خوري ۾ پوري آهي.

ڏڪار جو مستقل حل..!!





گذريل ٻن هفتن کان ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا جا نمائندا پاپازاري ڪئمرامين ۽ فوٽو گرافر ڊي ايس ايل لائيو گاڏين ساڻ ٿر ۾ لٿل آهن، ملڪ جا اقتدار ڌڻي ۽ زورآور ڪامورا پڻ ٿر ياترا ڪري رهيا آهن، پر رڪارڊ جي درستگي لاءِ اهو لکڻ ضروري آهي ته مٿيان سڀئي همراهه ٿر تڏهن پهتا آهن، جڏهن ارنرو کان اڏاڻي ۽ ڪاسبو کان ڪيرٽي تائين هڪ سئو سٺ (160) کان وڌيڪ معصوم ٻاررن جي موت جا تڏا وڇائجي چُڪا آهن ۽ مارئي جي ملڪ ۾ سوڳوار فضا ڇانيل آهن.
اهڙي ڀيانڪ صورتحال دوران به سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ان ڳالهه تي اعتراض آهي ته ٿري عورتن ان سان گفتو گهونگهٽ ۾ ڪئي ۽ جڏهن وزير اعظم نواز شريف پهتو ته انهن گهونگهٽ هٽائي ڳالهه ٻولهه ڪئي! ٿر جو ڏڪار اصل محبتون ڪهڙيون کڻي ايندو آهي، ڏڪار دوران ڪهڙا ڪلوڙ ٿيندا آهن ۽ ان مسئلي جو مستقل حل ڪهڙو هجڻ گهرجي، اچو ته پاڻ ٿورڙو ان انتهائي اهم ۽ سنجيده مسئلي تي سوچيون ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪريون.
هاڻ جيڪڏهن ذميوارين ۽ انجي مستقل حل طرف اچون ته ٿورڙو ملڪ جي سياسي سماجي حالتن جي دنيا ۾ ايندڙ تيز تبديلين طرف به نظر ڊوڙائڻي پوندي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي ريگستاني صحرا ٿر جي سرحدي پٽي تي ڀرسان ئي پاڙيسري ملڪ ڀارت جو ٿر موجود آهي. موسمون، ماڻهو، ٻولي، ڪلچر ۽ سڀ ڪجهه هڪجهڙا ئي ملندي. پوءِ اتي هر سال ايئن بي يارو مددگار ٿي ماڻهو ڇو نٿا مرن. اوهان کي اهو ٻڌي ۽ پڙهي حيرانگي وٺي ويندي ته ڀارت جي ٿر ۾ اتان جي حڪومتي سهڪار سان ماڻهو گگرال جي فصل طور ساليانو پوکي ڪن ٿا ۽ ڪروڙين رپيا گگرال جي فصل مان ناڻو ڪمائين ٿا. اسان جي ٿر ۾ گگرال جي وڻ کي زهريلي ”ڪار بوليڪ ائسڊ“ نالي ڪيميڪل سان ٽُڪو هڻي ان جو نسل ئي ختم ڪيو پيو وڃي. مشرف دور کان وٺي هيل تائين ٿر ۾ کارو پاڻي مٺو ڪرڻ جا سوين آراو پلانٽ لڳايا ويا. هڪ پلانٽ تي هڪ ڪروڙ جي لاڳت ڏيکاري وئي، حالت اها آهي جو نجي ڪمپني جي نااهل ڪامورن ۽ مقامي پٽيلن ۽ سماجي جمعدارن جي ملي ڀڳت سان ان پلانت کي هلائڻ لاءِ جنريٽر خاطر ملندڙ تيل کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. اهي پلانت غلط پلاننگ ۽ فني مهارت جي ابتڙ لڳايا ويا، جنهن سبب ملڪ جو اربين رپين جو ناڻو تباهه ٿي ويو ۽ فائدو به نه مليو.
ارباب دور ۾ مليل وزيراعظم ٿر پئڪيج جا 12 ارب رپيا به رفو چڪر ڪيا ويا. ڪميونٽي سينٽرن جي آڙ ۾ وڏيرن ۽ ٿر جي پٽيلن اوطاقون ۽ ذاتي بنگلا تعمير ڪرايا. ٿر ۾ هڪ به گائينوڪلاجسٽ، چائلڊ اسپيشلسٽ مقرر نه ڪيو ويو. ويم گهر موجود ناهن. کاڌو نه ملڻ سبب ٻارڙا جڏهن موت جي منهن ۾ وڃي رهيا هئا، تڏهن ٿر ۾ وڏي وزير جي ٽيم وزيرن، مشيرن جي خوشامد لاءِ 40 طعام تيار ڪيا ويا هئا. ملاڻي جي محلات ۽ موتي محل ۾ سينڊ وچ تيار پي ڪيا ويا ۽ ارباب صاحب جي کيت لاري، ڍوڍاوري ۽ ڇهون واٽر تي پهتل مهمانن لاءِ منزل واٽر ۽ شگر فري ڪولڊ ڊرنڪ کڄي پي ويا ۽ گل لاٽ صاحب پنهنجي ڪاروباري اسٽاڪ ايڪسچينج جي لاهن چاڙهن جا حساب ڪتاب ڪري رهيو هو. سول سوسائٽي جا نام نهاد اڳواڻ ۽ اين جي اوز جو طلسماتي لبادو اوڍي ٿر پهتل عالمي ڊونرن جا ڀاڙيتو ايجنٽ ليپ ٽاپس ذريعي ڊيٽاگڏ ڪري رهيا هئا ۽ ”تڏن“ ڪمرن ۾ ويهي نوان پراجيڪٽ لانچ ڪرڻ لاءِ حرفتي لڪيرن وارا سائنسي گراف تيار ڪري نيري، سائي، پيلي ۽ ڳاڙهي رنگ جا نشان ڏئي رهيا هئا. ٺيڪ اهڙين دل ڌوڏيندڙ حالتن ۾ به نيمٻراج ڀيل کان وٺي پاروتي ڪولهڻ تائين سوين معصوم ٻارڙن جي لاشن کي ٿر واسي مائٽ پويتر ڌرتي جي آغوش ۾ لڪائي دفنائي رهيا آهن ۽ عالم اختيار کي ٽڪي جو به الڪو نه ٿيو، پر حيرت ان تي آهي جو اقتدار ڌڻي ۽ ٿرين جي ووٽ تي هنڀوڇيون هڻندڙ وڏيرا امداد جي ورهاست واري پٽيلي چڱ مڙسي لاءِ فوٽ پٽيون کڻي ڊگهي مدت تائين مال ڪمائڻ جا ماڻ ماپا طئي ڪرڻ جي چڪر ۾ رُڌل هيا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي جو انهي ڏڪار ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل بنيادن تي ڪا ديرپا پلاننگ ڪئي وڃي. ٿر واسين کي انهيءَ امدادي خيرات واري ڪلچر ۾ ڌڪڻ بجاءِ انهن جي هميشه لاءِ انهن محبتن مان ڇوٽڪاري لاءِ صحت، تعليم، روزگار جي وسيلن ۽ موجودگي لاءِ ڪي مستقل ڪوششون ٿيڻ کپن ۽ انهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ بجاءِ پنهنجو سمجهي انهن کي به ڊفينس، بليو ايريا ۽ ٻين علائقن ۾ موجود سهولتن جهڙيون حالتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ۽ مالڪي توڙي وارثي نه ڪندڙ ڪامورن توڙي سياستدانن کان سيٽون ۽ ڪرسيون کسي ڪنهن مسڪين جهان خان کوسي جهڙي انسان کي اڳتي آندو وڃي پوءِ ڏسو ته تبديلي اچي ٿي يا ڪونه ٿي اچي. باقي رڳو فوٽو سيشن جو هيراڪ بڻجي پنهنجن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ جو اهو سلسلو جاري رکيو ويو ته تاريخ اهڙن حڪمرانن توڙي ڪامورن کي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن غدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪندي ۽ چون ٿا ته تاريخ ڏاڍو بي رحم هوندي آهي، اها ڪنهن جو پورهيو جتي ضايع نه ڪندي آهي اُتي ساڳئي وقت اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ جو ڪم به ڪندي آهي.
الياس ٿري



Wednesday, 13 August 2014

سنڌي سميت ملڪ جي مڙني ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي: اديب ۽ دانشور



حيدرآباد(رپورٽ: فهميده جروار) سنڌيءَ سميت پاڪستان جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي انهن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لازمي تدريس جي سلسلي ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي وڌيڪ بااختيار بڻائي، خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن کي تعليم کاتي ۽ اٿارٽي جي سفارشن سان مشروط ڪيو وڃي، دفترن ۾ سنڌي ٻولي جي استعمال کي يقيني لاءِ سرڪاري سطح تي اپاءَ ورتا وڃن، اسيمبليءَ کان وٺي ضلعي حڪومتن جي هيٺين پرتن تائين سنڌيءَ جو استعمال ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ۾ ڪارروائي هلائي وڃي، سنڌي ٻولي جي ذريعي تعليم واري حيثيت پهرين ڪلاس کان بحال رکي وڃي، شاهه لطيف جي شاعريءَ جا پنجابي، بلوچي، سرائيڪي، براهوي، پشتو ۽ ٻين ٻولين ۾ منظوم ترجمان ڪرايا وڃن ۽ انهن ٻولين جي عظيم شاعرن جي ڪلام جا سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجمان ڪرايا وڃن. سنڌ جي نوجوان محققن کي لسانيات جي جديد تعليم ڏيارڻ لاءِ سنڌ حڪومت اسڪالر شپن جو اعلان ڪري. اردو يونيورسٽي وانگر سنڌي يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي، سمورين موبائل ڪمپنين، دوائن جي ڪمپنين، مشروبات جي ڪمپنين کي سرڪاري طرح پابند ڪيو وڃي ته پنهنجا ليبل سنڌي ۾ شايع ڪن، اهڙي گهر سنڌ جي ليکڪن، اديبن، شاعرن، شاگردن، صحافين، سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪالهه ثقافت جي عالمگيريت ۽ مادري ٻولي جي اهميت جي حوالي سان سافڪو پاران ڪوٺايل ليڪچر پروگرام ۾ ڪئي، سافڪو آفيس ۾ ليڪچر ڏيندي ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته گلوبلائيزيشن به ڪالونائيزيشن آهي، گلوبلائيزيشن سبب ڪيتريون ئي ٻوليون خطري ۾ آهن، هن چيو ته 17 سئو ٻوليون آهن ۽ ٻولي هڪ ٻئي سان اظهار جي ذريعي سميت سڃاڻپ پڻ آهي. ڀارت ۾ رياستي ٻوليون محفوظ آهن ۽ سنڌ ۾ تعليم بي اثرائتي آهي. چئن ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي ۽ اردو کي رابطي جي ٻولي قرار ڏنو وڃي، 67 سال گذرڻ باوجود ٻاهران آيل ماڻهو سنڌي نه سکي سگهيا آهن، هن چيو ته ڌاري ٻولي مقامي ٻولين کي نقصان ڏئي ٿي، اردو ٻولي لساني جبر پئي ڪري، ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزي کي رابطي جي ٻولي چيو پيو وڃي، اردو ۽ انگريزي پاران سنڌي ٻولي تي وڏو جبر آهي ۽ انهيءَ سبب ٻولي ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. ان موقعي تي جامي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا ۽ اين جي اوز ٻولين ۾ بگاڙ پيدا ڪيو آهي، جنهن تي سڀني سنڌ واسين کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.ان موقعي تي سافڪو جي اڳواڻ سليمان جي ابڙو ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي جو بچاءَ ۽ بقا پرائمري تعليم ۾ آهي، اسان سنڌي ٻولي بچائڻ لاءِ پرائمري تعليم کي سگهارو ڪيون اهو اسان جو فرض آهي. اسان کي گهرجي ته ماضي جيان بحث ۽ مباحثن ذريعي سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪيون،. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽو، ايڇ آر سي پي جي ڊاڪٽر اشو ٿاما، روزاني سنڌ جي ايڊيٽر جعفر ميمڻ، عوامي جمهوري پارٽي جي مختيار عباسي ۽ ٻين پڻ ڳالهايو، جڏهن ته روزاني سنڌ جي چيف ايڊيٽر مهيش ڪمار، سماجي اڳواڻ پنهل ساريو، ايس پي او جي ريجنل مئنيجر مصطفيٰ بلوچ، هينڊز جي اڳواڻ رزاق عمراڻي، پي ايف ايف جي سهيل صديقي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

جيڪڏهن سنڌي ٻولي کي بچائڻو آهي ته ان کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائڻو پوندو.




حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌي ٻولي اختياري پاران مادري ڏينهن جي موقعي تي ٻولي سيمنار ڪيو ويو. انهي موقعي تي ٻولي اختياري جي اڳوڻي چئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته سنڌي کي جيڪڏنهن بچائڻو آهي ته ان ٻولي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائڻو پوندو. هن چيو ته جيستائين ڪا ٻولي مارڪيٽ جون گهرجون پوريون نه ڪري سگهندي تيستائين اها ٻولي زندهه نه ٿي رهي سگهي. ان ڪري سنڌي ٻولي کي مارڪيٽ جي ٻولي بنائڻ لا ٻولي کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائڻ گهرجي. هن سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري تي تنقيد ڪندي چيو ته هي ادارو رڳو نالي ۾ باختيار آهي باقي هون  هي ادارو بلڪل بي اختيار ادارو آهي.هن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ تي پڻ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ان اداري ۾ نصاب جوڙڻ لا جن ڄاڻو ماڻهن کي رکڻ جي ضرورت آهي اهي نٿا رکيا وڃن.هن چيو ته جيڪا شي هڪ دفعو هٿن مان نڪريو وڃي ٿي ته اها وري هٿ ۾ نٿي اچي.هن مثال ڏيندي چيو ته قائد اعظم جهرڪن ۾ ڄائو پر هاڻ ان ڳالهه کي ڪير به مڃڻ لا تيار ناهي ۽ اها اهم ڳالهه اسان پنهنجي هٿن مان ڪڍي ضايع ڪري ڇڏي.هن چيو ته سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ سنڌي ڳالهائڻ جو رجهان وڏي تيزي سان گهٽجي رهيو آهي . هن مثال ڏيندي چيو ته قاسم آباد ۾رهندڙ60 سيڪڙو سنڌي آبادي پنهنجي گهرن ۾ به اردو ٻولي ڳالهائڻ لڳا آهن.هنچيو ته سنڌي ٻولي جو هر لهجو اهم آهي. ان ڪري لکڻ پڙهڻ ۽ پبلشرن کي ٻولي جي هر لهجي ۽ ان جي اچار کي مان ڏيڻ  گهرجي.دانشور جامي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته 18 ترميم کان پو سنڌ اسيمبلي کي پنهنجي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو قانون اختيار آهي. جنهن کي هر صورت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته مادري ٻولي ۾هر  ٻار کي پڙهڻ جو حق آهي جيڪو ٻارن کي ملڻ گهرجي.هن چيو ته سنڌي سماج ۾ شهرن جي بدران ڳوٺن ۾نج سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.جڏنهن ته ان جي مقابلي ۾ شهرن ۾ نجي اسڪولن جا استاد ۽انهن جا هيڊ سنڌي ۾ ڳالهائڻ ۾ به شرم محسوس ڪن ٿا.پروگرام۾ مئڊم سحر امداد ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي سان ميڊيا، شاعرن ۽ اديبن وڏو قهر ڪيو آهي ۽ ٻولي کي لاڳيتو بگاڙي رهيا آهن.جيڪو هاڻ نه ٿيڻ گهرجي.سنڌي ٻولي ۾ آيل اسمن کي بولي پنهنجي اثر آڻن کان پو ضمير ۾ تبديل ڪري رهي آهي.پروگرام ۾ فهميده حسين،تاج جويو، شازيه پتافي۽شبير ڪنڀار پڻ ڳالهايو


ننڍپڻ جي شادي ۽ ان جا نقصانات




ازل کان عبد تائين عورت کي مرد جي برابر جو دردجو حاصل آهي پر انهن جون سماجي ذميواريون الڳ ضرور آهن پر حقن جي لحاظ سان ٻئي برابر جا حقدار آهن، جئين قرآن مجيد ۾ سورت النساء ۾ آهي ته عورت مرد جو سينگار آهي مرد عورت جو اسين پاڪستان کي اسلامي رياست پڻ سڏيون ٿا اسلامي رياست جتي اسلام جا قانون هجن پر هتي ڪجهه ڳالهه ئي ٻي آهي جڏهن ته مرد لاءِ الڳ قانون عورت لاءِ الڳ، هتي جڏهن شادي جي حق جي ڳالهه ڪجي ته پاڪستان جو قانون ڇوڪري (مرد) 18 سالن ۾ اجازت ڏي ٿو ۽ ڇوڪري لاءِ عمر 16 سال آهي ڇا اهو قانون صحيح آهي؟ ڇا اهو قانون لاڳو به ٿئي ٿو يا نه؟
وڏي بدقسمتي سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان ۾ ننڍي عمر جي شادي جي رسم عام آهي خاص طور تي سنڌ ۾ تمام ئي وڏي پيماني تي شاديون ننڍيون  عمر ۾ ٿين ٿيون پي ڊي ايڇ ايس  جي 2013 سروي مطابق 13 فيصد ڇوڪرين جي شادي 15 سالن کان به گهٽ عمر ٿيئ ٿي ۽ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ ڇوڪرين جي شادي 16 سالن جي عمر ۾ ٿئي ٿي ۽ هڪ سال جي اندر ئي اها ڇوڪري ماءُ بڻجي وڃي ٿي اهڙي حالت ۾ جڏهن ان ڇوڪري جو پنهنجي توليدي نظام ئي نامڪمل هوندو ته ان جو ٻار ڪئين صحيح طريقي سان پيدا ٿيندو انهيءَ ڪري 60 فيصد کان وڌيڪ مائرن جي موت جو ڪارڻ ننڍي عمر جي شادي ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ اهو نظام هر هنڌ عام آهي ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائي وڃي ٿي جڏهن ته انهيءَ ۾ عورت کي ڪيترائي نقصان آهن.
ڇوڪرين کي هميشه تعليم پرائڻ کان روڪيو وڃي ٿو پر مشڪل ئي چند ڇوڪريون هونديون جنهن پرائمري تعليم تائين حاصل ڪئي هوندي اڄڪلهه جون نوجوان ڇوڪريون ڪافي مسئلن کي منهن ڏيئي رهيون آهن گهرن ۾ خوراڪ جي ڪمي، فيصله سازي کان پري رکڻ انهن جي رائي کي عمل نه ڏيڻ ننڍي عمر جي شادي غربت ۽ جهالت آهي ماڻهو عورت کي مال جيان خريدو فروخت ڪن ٿا ڪڏنهن ڪاروڪاري ڪڏهن سڱ چٽي ، عورتن سان هر لحاظ جي ناانصافي ۽ امتيازي سلوڪ آهي سنڌ ۾ جتي عورت کي ست قرآن بر ابر سمجهيو وڃي ٿو اتي ان معاشري ۾ عورت کي ستي ڪري قرآن سان شادي ڪرائي وڃي ٿي خاص ڪري سيد خاندان جون عورتون جنهن کي سيد گهراني جو رشتو نه ملندو آهي اهي پنهنجي نياڻين کي قرآن سان شادي ڪرائي پوري عمرانهن کي اڪيلائي جي آڙاهه ۾ وجهن ٿا ۽ زندگي جو ڄڻ هر حق کسي وٺن ٿا پوءِ اهڙي ماحول ۾ ڪجهه عورتون بيزار ٿي يا ته گهرن نڪرن ٿيون يا خودڪشي ڪري ڇڏين.
جڏهن ڳالهه ڪجي ننڍي عمر جي شادي جي ته حڪومت اهڙو قانون ڇو ٺاهيو آهي جنهن ۾ ڇوڪري کي 16 سالن ۾ پرڻائجي ، جڏهن 18 سالن کان اڳ ڪنهن به نوجوان کي ووٽ ڏيڻ جي قابل نٿو سمجهيو وڃي ته ان کي قانون شادي جي اجازت ڪيئن ٿو ڏي؟
ڇا گهر هلائڻ ووٽ ڏيڻ کان وڌيڪ آسان آهي؟
ڇا ٻار پيدا ڪرڻ ، انهن جي پرورش ڪرڻ ووٽ ڏيڻ کان وڌيڪ آسان آهي؟
ڇا هڪ پورو خاندان سنڀالڻ ان جون ذميواريون پوريون ڪرڻ ووٽ ڏيڻ کان وڌيڪ آسان آهي؟
آهي ڪنهن وث انهن سوالن جو جواب؟؟؟
موجوده حڪومت کي اهڙو قانون ٺاهڻ گهرجي ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻنهي جي شادي جي عمر 18 سال قانونن جائز ڪئي وڃي  نه صرف ڪاغذي ڪاروائي تائين پر ان تي عمل پڻ ڪرايو وڃي اميد آهي ته هن حڪومت ۾ معصوم نياڻين جي زندگين کي بچائڻ لاءِ ڪجهه اقدامات ورتا ويندا. ننڍي عمر جي شادي جو رواج نه صرف ڳوٺن ۾ شهرن ۾ پڻ رائج آهي هڪ اهڙو مثال اسانجي پاڙي ۾ موجود آهي جتي 14 سالن جي ڇوڪري جي شادي 50 سال جي مرد سان ڪرائي وئي ۽ نتيجي ۾ هڪ سال اندر ان کي ٻار ٿيو ۽ اهو ٻار معزرو پيدا ٿيو ۽ عورت  ۾ خون جي ڪمي هجڻ سبب ويم کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اندر موت ٿي وئي ان سان نه صرف ان ڇوڪري جي زندگي هميشه لاءِ وئي پر ۽ ٻار به معذور ٿيو جڏهن ته ڇوڪري اڃا پاڻ ٻار هئي ته اها هڪ تندرست ٻار کي ڪيئن جنم ڏيندي.
ننڍي عمر جي شادي نه صرف ڇوڪرين کي نقصان رسائي ٿي پر اگر ڪو ڇوڪرو به 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي ڪري ٿو ته ان سان به ناانصافي آهي ڇو ته هو ان عمر ۾ پاڻ اڃا نابالغ آهي ته ازدواجي ذميواريون ڪيئن پوريون ڪندو گهر واري ۽ ٻار ڪيئن سنڀاري سگهندو زندگي نه صرف ان واحد شخص جي تباهه ٿيندي پر پورو گهر وڃائجي ويندي ۽ روز پيا جهڙا ٿيندا ڪڏهن پاڻ تي تشدد ڪڏهن گهر واري تي آخر نتيجي ۾ يا ته هو گهران فرار ٿيو وڃي يا خودڪشي ڪري هن دنيا مان جان آجو ڪندواسان حڪومت کي مشورو ڏيندا سون ته اها هن سنگين مسئلي بابت ضرور ڪجهه ڪرڻ گهرجي…

کارو کاری......فرزانہ نیناں




کارو کاری

رسمِ کارو کاری پر سندھ کی ہوا چپ ہے
لڑکیوں کی چیخوں پر کس لیئے خدا چپ ہے
تم نے کیوں سنائی تھی ہیر مُجھ کو وارث کی
جانتے ہو اُس دن سے میری دعا چپ ہے
شوخیاں برستی تھیں جس کی پیاری آنکھوں سے
وہ شریر لڑکی بھی آج کیا ہوا چپ ہے
پیاس اپنے سائیں کی کس طرح بجھاؤں گی
ہے کنوئیں پہ ویرانی گھر میں بھی گھڑا چپ ہے
کس کی معرفت نیناؔں اب اسے بلاؤں میں
لے کے میرا سندیسہ جو ادھر گیا چپ ہے 
فرزانہ نیناں

بنيادي خرابي جاگيرداراڻي نظام جي آهي....تحرير: پنهل ساريو




بنيادي خرابي جاگيرداراڻي نظام جي آهي
سنڌ اندر هارين جي حقن لاءِ هلندڙ جدوجهد ڏيڊ صدي جي تاريخ تي ٻڌل آهي. ان جي باوجود اڄ به سنڌ جو هاري ۽ هارياڻيون بنيادي انساني حقن کان محروم آهن. ڪيترائي بي زمين هاري آهن جن وٽ پنهنجي زمين ناهي، نه گهر آهي، جڏهن ته بي پناھ مهانگائي، بک، بدحالي، بي روزگاري جو سڀ کان وڏو ڪارڻ جاگيرداري سماج آهي. تعليم جي تباهي جو سبب پڻ اسان جو وڏيرو ۽ ڀوتار آهي جنهن جي ڪري سنڌ جو نوجوان ترقي بجاءِ تنزلي جي پاتال ۾ اڇليو ويو آهي، جنهن ڪري طبقاتي سماج ڏينهون ڏينهن طاقتور شڪل ۾ ڦرلٽ ۽ استحصال جو ڪارڻ بڻجندو پيو وڃي ۽ سندن مقدر غريبي بڻائي وئي آهي.
هتي سوال ماڻهن جي وطن ڪارڊ ۽ وغيره ڏيڻ جو ناهي بنيادي سوال اهو آهي ته ماڻهن کي ملڪيت جي حق کان محروم لکي انهن جا بنيادي انساني حق صلب ڪيا ويا آهن. هارياڻين ۽ هارين کي زمينون ڏيڻ به بهتر عمل آهي پر بنيادي جيڪا خرابي آهي سا ته آهي جاگيرداراڻي نظام ۾ جيڪو صدين کان آزاد ڄاول انسانن جي زندگين کي غلام بڻائي ويٺو آهي. جتي انسان کي انسان سمجهڻ لاءِ طاقتور ۽ قابض طبقا تيار ئي ناهن. عورت کي عزت ۽ وقار کان محروم رکيو ويو آهي. انهن جا سياسي معاشي ۽ ثقافتي حق به محفوط ڪونهن. اهڙي صورتحال ۾ جاگيرداري جي موجوگي دراصل انساني غلامي جو ڪارڻ بڻجي سامهون اچي ٿي. انهيءَ بدترين غلامي کي سنڌ جو ماڻهو اڄوڪي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري دور ۾ به ڀوڳي رهيو آهي.
دنيا اندر جاگيرداريون پنهنجو موت پاڻ مري ويون. فرينچ انقلاب هندستان جي آزادي تائين توڙي ايراني انقلاب کاپوءِ جاگيرداريون ختم ڪيون ويون. ڪليسائن جي وسيح ملڪيت پڻ نه رهي جنهن سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ رياستي معاملن کان مذهب کي الڳ ڪيو ويو. پر پاڪستان ۽ اسرائيل ٻه اهڙا ملڪ دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا جن مذهب کي رياست تي حاوي رکيو ۽ پاڪستان کي اسلام جو قلعو قرار ڏيندڙ هر حڪمران پاڻ کي اسلام جو محافظ قرار ڏنو. نتيجي ۾ ملائتن پردان چڙهي ۽ فرقيوارين تشدد جو نيب بڻجي وئي.جرنل ضيا جي دور ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني شرعي بينج فيصلو ڏنو ته زرعي جائيداد جي حد مقرر ڪرڻ، شرعي طور غير اسلامي آهي. جڏهن ته زمين جي ملڪيت کان محروم ماڻهن جو هي بنيادي مسئلو آهي. پر هن فيصلي سان جاگيردار ۽ وڏن زميدارين کي تحفظ فراهم ڪيو ويو. ان کان پوءِ دنيا ڏٺو ته 30 سالن تائين زمين جي ملڪيتن جي معاملي يا زرعي سڌارن جي حوالي سان ڪنهن به چونڊيل يا اڻ چونڊيل حڪومت اهڙو خاص قدم نه کنيو. ان کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد 2008ع سنڌ حڪومت بي بي جي واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ انڊ لينڊ گرانڊ پاليسي 1989 تحت 14 نومبر 2008 تي قانون پاس ڪري اسٽيٽ لينڊ جي ٻه لک ايڪڙ زمين غريب ۽ مستحق بي زمين هاراڻين ۽ هارين ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو. ايوب خان جي دور ۾ فرد کي پنج سئو ايڪڙ پوکي لائق ۽ هڪ هزار ايڪڙ ناقابل ڪاشت زمين رکڻ جو حق ڏنو ويو. 1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو زرعي سڌارن تحت 150 ايڪڙ حد مقرر ڪئي ۽ غير آبپاشي زمين جي حد 300 ايڪڙ رکي وئي. 1977 ۾ ڀٽو جي پ پ حڪومت ٻيو لينڊرفامز قانون پاس ڪري زمين جي حد 100 ايڪڙ آبپاشي ۽ 1200 ايڪڙ باراني مقرر ڪئي.
اها خاندانن بجاءِ فرد جي حوالي سان ڏني وئي. 1977 ۾ مارشلا لڳائي ۽ سهارو ڏئي جاگيرداري کي نه فقط جيئن جو تئين رهڻ ڏنو ويو پر پوءِ مجلس شورا ضلعي حڪومتون يا قومي صوبائي اسمبلين ۽ سينٽ ۾ سندن مستقل جڳهھ جوڙي انهن کي پاور جي طاقت سان هٿياربند ڪيو ويو. اڄ به 60 سال انهن راڄ ڪيو. اڳ سڀني سياسي پارٽين جي منشور ۾ زرعي سڌارن کي اهميت ڏني ويندي هئي پر هاڻي ڪونهي. 2007 ۾ جناب عابد حسن منٽو جيڪي قانون دان پڻ آهن زرعي سڌارن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج ڪيو ۽ 9 ججن تي ٻڌل لارج بئنچ جوڙي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ جهانگير تين ۽ شاھ محمود قريشي ان ڪيس ۾ اسلامي تعلمات تحت آيل فيصلي جا حامي آهن جڏهن ته پنجاب حڪومت جنهن جو وڏو وزير جنرل ضياءَ جي سياسي پوک جي پيداوار آهي ان سنڌ حڪومت جيڪا پ پ جي آهي ٻنهي جو موقف عمران خان جي چوڌرين کان مختلف ناهي حيرت ان ڳالھه جي آهي ته ڀٽو صاحب ۽ بي بي هميشه هارين جي حقن لاءِ ڳالهايو ۽ قانون پاس ڪرايا پر قائم علي شاھ زرعي سڌارن کي غير اسلامي تصور ڪري ٿو. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪي قومون غيرت ۽ حقن لاءِ تيار هونديون آهن سي ئي زندھ رهي سگهنديون آهن. هٿرادو رياستون مليا ميٽ ٿي سگهن ٿيون سرحدي لڪيرون به تبديل ٿي سگهن ٿيون پر با عزت ۽ باوقار قومون زندھ رهي نئون سماج اڏي سگهن ٿيون.
تحرير: پنهل ساريو
روزاني عوامي آواز حيدرآباد



سندھ میں تین مندروں پر حملہ





اُنھوں نے کہا کہ صوبہ سندھ میں حکمران جماعت پاکستان پیپلز پارٹی کے رکن صوبائی اسمبلی کے کہنے پر پولیس نے نہ صرف مظاہرین پر تشدد کیا بلکہ ان ہندوؤں کے قتل میں ملوث افراد کو گرفتار بھی نہیں کیا۔
شاہ محمود قریشی کا کہنا تھا کہ پاکستان میں اقلیتوں کو تشدد کا نشانہ بنانے کے واقعات میں اضافہ ہو رہا ہے جس کی وجہ سے دنیا بھر میں پاکستان کی بدنامی ہو رہی ہے۔
اُنھوں نے کہا کہ ایسے واقعات کے سدباب کے لیے ایک پارلیمانی کمیٹی بنائی جائے جو اپنی رپورٹ ایوان میں پیش کرے جس پر مناسب قانون سازی کی جائے۔
سابق حکمراں جماعت پاکستان پیپلز پارٹی سے تعلق رکھنے والے ارکان اسمبلی ایاز سومرو اور شازیہ مری کا کہنا تھا کہ اس معاملے کو جذباتی انداز میں نہیں لینا چاہیے۔ اُنھوں نے کہا کہ پولیس اس معاملے کی چھان بین کر رہی ہے، پہلے پولیس کو اس کی تفتیش مکمل کرلینے دیں تو پھر پارلیمانی کمیٹی تشکیل دی جائے۔
عمر کوٹ سے منتخب ہونے والے رکن قومی اسمبلی یوسف تالپور کا کہنا تھا کہ اس معاملے کی چھان بین کے لیے پارلیمانی کمیٹی تشکیل دینے پر کسی کو بھی اعتراض نہیں ہونا چاہیے۔
اُنھوں نے کہا کہ صرف سندھ میں ہی نہیں بلکہ صوبہ بلوچستان میں بھی ہندو تاجروں کو نشانہ بنایا جارہا ہے جس کی وجہ سے ہندو برادری میں عدم تحفظ کا احساس پیدا ہو رہا ہے۔
وفاقی وزیر دفاع خواجہ آصف کا کہنا تھا کہ اقلیتوں کے حقوق کے تحفظ کی ذمہ داری حکومتِ وقت پر عائد ہوتی ہے اور حکومت اس ضمن میں کوئی کوتاہی برداشت نہیں کرے گی۔ اُنھوں نے کہا کہ وفاقی حکومت اس ضمن میں صوبائی حکومتوں سے بھی بات کرے گی۔
قومی اسمبلی میں اقلیتوں پر ہونے والے تشدد کے واقعات کی روک تھام کے لیے پارلیمانی کمیٹی بنانے سے متعلق پیش کی گئی قرارداد متفقہ طور پر منظور کر لی گئی۔ تاہم اس کمیٹی میں شامل اراکین کے ناموں کو چند روز میں حتمی شکل دی جائے گی۔
یاد رہے کہ سپریم کورٹ نے بھی کچھ عرصہ قبل اقلیتوں کے مقدس مقامات کی حفاظت کے لیے حکومت کو خصوصی فورس قائم کرنے کا حکم جاری کر رکھا ہے تاہم اقلیتوں کا کہنا ہے اس ضمن میں حکومت کی طرف سے ابھی تک عملی اقدامات نہیں کیے گئے۔

ہمارا مستقبل اور ظالم سماج




جس بچے کو پیدا ہوتے ہی دودھ کی جگہ سوکی روٹی ملے اور کچھ ہی ماہ کے بعد اپنے کھانے پینے کا بندوبست خُد کرنا پڑے اور 7 سال کی عمر میں جس کو زبردستی جوان بنا دیا جائے اور جس کو بڑے مرد کی طرح اپنے خاندان کی کفالت کرنے پڑے۔ پھر جب وہ حقیقت میں 18 سال کا جوان ہوجاتا ہے تو کیا وہ اپنی ساری محرومیوں کا بدلہ اِس ظالم سماج سے نہیں لے گا؟ اور جب وہ اپنی محرومیوں کا بدلا لینا شروع کرتا ہے تو ہم اُس کو ظالم کہتے ہیں لیکن حقیقت میں اُس کو اِس جگہ تہ پہچانے والے ہم اور ہمارا سماج ہے۔
سیتا ڈی داس

سنڌ جي تعليم




معاشري جي بگاڙ جا سبب
جيڪڏهن اسان آمريڪا جي معاشري جي ڳالهه ڪريون، ته اتي هر لحاظ کان برابري، هر هڪ جي ذميواري ۽ امن ئي نظر ايندو ۽ جيڪڏهن اسان سنڌ جي ڳالهه ڪريون، ته انساني حقن جي برابري نظر نٿي اچي. آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي يا ڪهڙي شئي آهي، جيڪا ان بگاڙ جو سبب ٿي بڻجي؟ ان بگاڙ جو سبب وڏيرڪائي نظام ئي آهي، جنهن جي ڪري وڏيرن ۽ اميرن جا ٻار پڙهي ڪنهن وڏي پوسٽ تي پهچي ويندا آهن، پر ڪنهن غريب يا هاريءَ جي پٽ کي ڪنهن پوسٽ تي ته نه، بلڪه ويتر ان کي احساسِ ڪمتري جو شڪار بڻائيندا آهن، ته جيئن اهو اڳتي وڌي نه سگهي ۽ هميشه لاءِ محڪوم رهي، بيروزگاريءَ جو سبب انهن هارين جي ٻارن کي تعليم کان محروم ڪرڻ آهي. آخر ۾ اهو چوندس ته، اگر اسين سنڌ جا ماڻهو سنڌ ۾ امن ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، ته اسان کي پنهنجي معاشري ۾ برابري پيدا ڪرڻي پوندي ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي تعليم کي ترقي وٺرائڻي پوندي.
امداد علي ڀنگوار
ڪنڌڪوٽ