Wednesday, 13 August 2014

کارو کاری......فرزانہ نیناں




کارو کاری

رسمِ کارو کاری پر سندھ کی ہوا چپ ہے
لڑکیوں کی چیخوں پر کس لیئے خدا چپ ہے
تم نے کیوں سنائی تھی ہیر مُجھ کو وارث کی
جانتے ہو اُس دن سے میری دعا چپ ہے
شوخیاں برستی تھیں جس کی پیاری آنکھوں سے
وہ شریر لڑکی بھی آج کیا ہوا چپ ہے
پیاس اپنے سائیں کی کس طرح بجھاؤں گی
ہے کنوئیں پہ ویرانی گھر میں بھی گھڑا چپ ہے
کس کی معرفت نیناؔں اب اسے بلاؤں میں
لے کے میرا سندیسہ جو ادھر گیا چپ ہے 
فرزانہ نیناں

هن دور ۾ تعليم سان گڏ هُنر به ضروري آهي!....صوفي اصغر کوسو/جهڏو




هن دور ۾ تعليم سان گڏ هُنر به ضروري آهي!

دنيا جي ڪيترن ئي سُڌريل ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ اهم ۽ بنيادي شعبن جا مضمون پڙهائڻ سان گڏ موسيقي، شاعري، ٽيلرنگ، رڌ پچاءُ ۽ ڊرائيونگ وغيره سميت ٻيا ڪيترائي فن ۽ هُنر سيکاريا وڃن ٿا، جنهن سان شاگردن کي پنهنجي پسند جي شعبي ۾ طبع آزمائيءَ جو ڀرپور موقعو ملي ٿو. شاگردن ۾ لڪل بيشمار صلاحيتون ظاهر ٿين ٿيون. جڏهن ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ فن ۽ هُنر سيکارڻ يا انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ ته پري جي ڳالهه، پر رڳو اسان جا اُستاد، شاگرد ۽ اعليٰ اختياريون سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجيون لاڳاپيل تعليمي ذميواريون نڀائين ۽ تعليمي ادارن مان ڪاپي ڪلچر ۽ هڙتال ڪلچر جو خاتمو ڪن، ته به اسانجي ملڪ جي تعليمي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي. شاگردن کي به ٻين ”غير ضروري“ سرگرمين کان پاسو ڪري فقط پنهنجي تعليم ۽ هُنر ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، ته جيئن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بيروزگاريءَ کان بچي سگهجي. اسانجي ملڪ جي آباديءَ جو تيزي سان وڌڻ ۽ روزگار جا ذريعا مختصر ٿيڻ ڪري، ملڪ اڻکٽ معاشي بحرانن جي ور چڙهيل آهي، جنهن ڪري غربت ۽ بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. مستقبل ۾ انهن مسئلن جا مستقل حل نظر نٿا اچن. جيڪڏهن نوجوان نسل اڃا به پنهنجي بهترين مستقبل لاءِ نه سوچيو، ته حالتون اڃا به خراب ٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري تعليم سان گڏ هُنر ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت جي واڳ ڌڻين کي گهرجي، ته تعليمي ادارن سان گڏ فن ۽ هُنر جي سکيا جا ادارا وڌ کان وڌ کوليا وڃن، جنهن ۾ شاگرد تعليم سان گڏ هُنر به سِکي سگهن.
صوفي اصغر کوسو/جهڏو 


هيڊپارڪ، روزاني ڪاوش حيدرآباد
 

ڏاج جي رسم......گرڏنه لعل سچڏيو/ لاڙڪاڻو





ڏاج جي رسم
ڏاج هن سماج جي هڪ اهڙي رسم آهي، جنهن سبب ڪيتريون ئي نياڻيون، سندن والدين پاران ڏاج ڏيڻ جي سگهه نه هجڻ سبب شاديءَ جي اوسيئڙيءَ ۾ پنهنجا وار چاندي ڪريو ڇڏين. هڪ دوست مونکي ٻڌايو ته، هن پنهنجي زال کي ڌِيءَ لاءِ شادي وقت ڏاج ۽ سامان گهٽ ڏيڻ لاءِ چيو، ڇو ته مڙس کي مالي مجبوريون اجازت نه پيون ڏين، ته سندس زال ڪاوڙجي چيو ته، ”سانون نَڪ نون مَرُ نئين لاوڻي.....“ هڪ هندو دوست ٻڌايو ته، هن پنهنجي ڌِيءَ جو مڱڻو ڪري ڇڏيو آهي، شاديءَ لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ جڏهن هن گهوٽيتن سان رابطو ڪيو، ته گهوٽ جي ماءُ چَورائي موڪليو ته، هن اها باسَ باسي آهي ته، سندس پٽ يعني گهوٽ، ساهرن جي ڏنل نئين ڪار تي ڪنوار وٺي ايندو....ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ايوان جي چونڊيل نمائندن پاران اهڙو قانون آندو وڃي، جنهن سان وڌيڪ ڏاج واري ۽ ڏيکاءُ واري ان رسم جو خاتمو آڻي سگهجي ۽ ان سان گڏ اسان سڀني باشعورن جو به فرض آهي ته، اسان سادگيءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏيون، ڇو ته اسان پاران جوڙيل ۽ وڌايل ان رسم سبب ڪيئي نياڻيون مائٽن جي گهر ۾ مٿي جا وار اُڀا ڪريو ڇڏين ٿيون.
گرڏنه لعل سچڏيو/ لاڙڪاڻو
هيڊپارڪ، روزاني ڪاوش حيدرآباد

عورت جي شادي موت وانگر آهي





عورت جي شادي موت وانگر آهي

عورت کي شادي ڪري پنهنجو گھر، مٽ مائٽ، ساهيڙيون ۽ ساٿياڻيون پنهنجا پيارا، مطلب تہ ارڙهن ويه سال جنهن ماحول ۾ گذاريائين ۽ جن شين ۽ ماڻهن سان لاڳ لاڳاپا هئيس، سي هڪ دم ڇڏڻا پون ٿا ۽ هن کي اڻ ڏٺل دنيا ڏانهن وڃڻو پوي ٿو۔ اها عورت جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي المناڪ ڳاله آهي۔اها هن لائي موت برابر ڳاله آهي۔ هن جي درد جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي۔ دنيا جو اهو دستور ٿي ويو آهي جو هن کي اهو دستور درد برداشت ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو۔


تحرير: نجم عباسي چونڊ: سيتا ڊي داس

خوشحال سندھ کے غلام کسان.....سیتا ڈی داس —





خوشحال سندھ کے غلام کسان
یہ لوگ سندھ کے اصل وارث اور سندھ کی زراعت میں ریڑہ کی ہڈی کی حیسیت رکھنے کے باوجود جاگیرداروں کی غلامی میں زندگی گزارنے پر مجبور ہیں۔ جن کے بنیادی حقوق پر آج تک کسی سیاسی پارٹی نے دھیان نہیں دیا جس کی وجہ سے اِن کی زندگی بہت ہی مشکل سے کٹتی ہے۔
ہماری درخواست ہے اُن لوگوں سے جو سندھ کو خوشحال دیکھنا چاہتے ہیں پلیز، آگے آؤ اور اِن کے بنیادی حقوق کے لئے آواز اُٹھاکر اپنا اپنا فرض ادا کرو۔
سیتا ڈی داس —


مختصر ڪهاڻي



مختصر ڪهاڻي 

”تنهنجي مڙس توکي طلاق ڇو ڏني؟“
”غيرت ۾“
”ڇو تو مڙس جي اعتماد کي دوکو ڏنو؟“
”نه“
”ته پوءِ؟“
”روز پنهنجي عشق جو هڪ نه ٻيو داستان ٻڌائيندو هو، هزارين قصا ٻڌم، هڪ ڏينهن چرچي خاطر مان به چيومانس ته مون به پيار ڪيو هو“

”ته انهي ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي“

”اها ئي ته وڏي ڳالهه آهي پنهنجا عشق جا داستان وڏي بهادري ۽ فخر سان ٻڌائڻ واري مڙس منهنجي چرچي کي منهنجي بي غيرتي ، بي حيائي، دوکو ، فريب، رياڪاري چيو ۽ نيٺ طلاق ڏيئي ڇڏيائين ..........؟“

Shahzad Ali Lashari

بنيادي خرابي جاگيرداراڻي نظام جي آهي....تحرير: پنهل ساريو




بنيادي خرابي جاگيرداراڻي نظام جي آهي
سنڌ اندر هارين جي حقن لاءِ هلندڙ جدوجهد ڏيڊ صدي جي تاريخ تي ٻڌل آهي. ان جي باوجود اڄ به سنڌ جو هاري ۽ هارياڻيون بنيادي انساني حقن کان محروم آهن. ڪيترائي بي زمين هاري آهن جن وٽ پنهنجي زمين ناهي، نه گهر آهي، جڏهن ته بي پناھ مهانگائي، بک، بدحالي، بي روزگاري جو سڀ کان وڏو ڪارڻ جاگيرداري سماج آهي. تعليم جي تباهي جو سبب پڻ اسان جو وڏيرو ۽ ڀوتار آهي جنهن جي ڪري سنڌ جو نوجوان ترقي بجاءِ تنزلي جي پاتال ۾ اڇليو ويو آهي، جنهن ڪري طبقاتي سماج ڏينهون ڏينهن طاقتور شڪل ۾ ڦرلٽ ۽ استحصال جو ڪارڻ بڻجندو پيو وڃي ۽ سندن مقدر غريبي بڻائي وئي آهي.
هتي سوال ماڻهن جي وطن ڪارڊ ۽ وغيره ڏيڻ جو ناهي بنيادي سوال اهو آهي ته ماڻهن کي ملڪيت جي حق کان محروم لکي انهن جا بنيادي انساني حق صلب ڪيا ويا آهن. هارياڻين ۽ هارين کي زمينون ڏيڻ به بهتر عمل آهي پر بنيادي جيڪا خرابي آهي سا ته آهي جاگيرداراڻي نظام ۾ جيڪو صدين کان آزاد ڄاول انسانن جي زندگين کي غلام بڻائي ويٺو آهي. جتي انسان کي انسان سمجهڻ لاءِ طاقتور ۽ قابض طبقا تيار ئي ناهن. عورت کي عزت ۽ وقار کان محروم رکيو ويو آهي. انهن جا سياسي معاشي ۽ ثقافتي حق به محفوط ڪونهن. اهڙي صورتحال ۾ جاگيرداري جي موجوگي دراصل انساني غلامي جو ڪارڻ بڻجي سامهون اچي ٿي. انهيءَ بدترين غلامي کي سنڌ جو ماڻهو اڄوڪي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري دور ۾ به ڀوڳي رهيو آهي.
دنيا اندر جاگيرداريون پنهنجو موت پاڻ مري ويون. فرينچ انقلاب هندستان جي آزادي تائين توڙي ايراني انقلاب کاپوءِ جاگيرداريون ختم ڪيون ويون. ڪليسائن جي وسيح ملڪيت پڻ نه رهي جنهن سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ رياستي معاملن کان مذهب کي الڳ ڪيو ويو. پر پاڪستان ۽ اسرائيل ٻه اهڙا ملڪ دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا جن مذهب کي رياست تي حاوي رکيو ۽ پاڪستان کي اسلام جو قلعو قرار ڏيندڙ هر حڪمران پاڻ کي اسلام جو محافظ قرار ڏنو. نتيجي ۾ ملائتن پردان چڙهي ۽ فرقيوارين تشدد جو نيب بڻجي وئي.جرنل ضيا جي دور ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني شرعي بينج فيصلو ڏنو ته زرعي جائيداد جي حد مقرر ڪرڻ، شرعي طور غير اسلامي آهي. جڏهن ته زمين جي ملڪيت کان محروم ماڻهن جو هي بنيادي مسئلو آهي. پر هن فيصلي سان جاگيردار ۽ وڏن زميدارين کي تحفظ فراهم ڪيو ويو. ان کان پوءِ دنيا ڏٺو ته 30 سالن تائين زمين جي ملڪيتن جي معاملي يا زرعي سڌارن جي حوالي سان ڪنهن به چونڊيل يا اڻ چونڊيل حڪومت اهڙو خاص قدم نه کنيو. ان کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد 2008ع سنڌ حڪومت بي بي جي واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ انڊ لينڊ گرانڊ پاليسي 1989 تحت 14 نومبر 2008 تي قانون پاس ڪري اسٽيٽ لينڊ جي ٻه لک ايڪڙ زمين غريب ۽ مستحق بي زمين هاراڻين ۽ هارين ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو. ايوب خان جي دور ۾ فرد کي پنج سئو ايڪڙ پوکي لائق ۽ هڪ هزار ايڪڙ ناقابل ڪاشت زمين رکڻ جو حق ڏنو ويو. 1972 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو زرعي سڌارن تحت 150 ايڪڙ حد مقرر ڪئي ۽ غير آبپاشي زمين جي حد 300 ايڪڙ رکي وئي. 1977 ۾ ڀٽو جي پ پ حڪومت ٻيو لينڊرفامز قانون پاس ڪري زمين جي حد 100 ايڪڙ آبپاشي ۽ 1200 ايڪڙ باراني مقرر ڪئي.
اها خاندانن بجاءِ فرد جي حوالي سان ڏني وئي. 1977 ۾ مارشلا لڳائي ۽ سهارو ڏئي جاگيرداري کي نه فقط جيئن جو تئين رهڻ ڏنو ويو پر پوءِ مجلس شورا ضلعي حڪومتون يا قومي صوبائي اسمبلين ۽ سينٽ ۾ سندن مستقل جڳهھ جوڙي انهن کي پاور جي طاقت سان هٿياربند ڪيو ويو. اڄ به 60 سال انهن راڄ ڪيو. اڳ سڀني سياسي پارٽين جي منشور ۾ زرعي سڌارن کي اهميت ڏني ويندي هئي پر هاڻي ڪونهي. 2007 ۾ جناب عابد حسن منٽو جيڪي قانون دان پڻ آهن زرعي سڌارن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج ڪيو ۽ 9 ججن تي ٻڌل لارج بئنچ جوڙي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ جهانگير تين ۽ شاھ محمود قريشي ان ڪيس ۾ اسلامي تعلمات تحت آيل فيصلي جا حامي آهن جڏهن ته پنجاب حڪومت جنهن جو وڏو وزير جنرل ضياءَ جي سياسي پوک جي پيداوار آهي ان سنڌ حڪومت جيڪا پ پ جي آهي ٻنهي جو موقف عمران خان جي چوڌرين کان مختلف ناهي حيرت ان ڳالھه جي آهي ته ڀٽو صاحب ۽ بي بي هميشه هارين جي حقن لاءِ ڳالهايو ۽ قانون پاس ڪرايا پر قائم علي شاھ زرعي سڌارن کي غير اسلامي تصور ڪري ٿو. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪي قومون غيرت ۽ حقن لاءِ تيار هونديون آهن سي ئي زندھ رهي سگهنديون آهن. هٿرادو رياستون مليا ميٽ ٿي سگهن ٿيون سرحدي لڪيرون به تبديل ٿي سگهن ٿيون پر با عزت ۽ باوقار قومون زندھ رهي نئون سماج اڏي سگهن ٿيون.
تحرير: پنهل ساريو
روزاني عوامي آواز حيدرآباد



مجھے افسوس ہوتا ہے




مجھے افسوس ہوتا ہے

مجھے افسوس ہوتا ہے
جب غریبوں کے گھر جلتے ہیں
گھروں میں کچھ خواب رہتے ہیں
جنہیں پرواز کرنی ہے
تتلیاں اور کچھ بھنورے
جن میں امید بستی ہے
وہ بھی جلتے گھروں کے ساتھ جل جاتے ہیں
مجھے افسوس ہوتا ہے
اب میں کس کس کو بتلاؤں
کہ اک گھر کے جلنے سے
کتنے دیپ بجھتے ہیں
اے! اس قوم کے لوگو
تم جانتے ہو سب کچھ
پھر بھی خاموش رہتے ہو
مجھے افسوس ہوتا ہے۔

Manzoor Kalhoro

دوسروں کا غصہ بیوی پر اُتارنا




دوسروں کا غصہ بیوی پر اُتارنا
بعض اوقات ایسا ہوتا ہے کہ غصہ کسی اور بات پر ہوتا ہے مگر اسے بیوی پر اتارا جاتا ہے۔ آپ ایسی غلطی کبھی نہ کریں ۔ بھلا یہ کیا بات ہوئی کہ غصہ تو باہر کسی شخص پر آیا مگر اس کی بجائے آپ نے آکر بیوی کو پیٹنا شروع کردیا۔ یہ تو نہایت احمقانہ بات ہے اور اس کا ارتکاب بھی احمق اور بے وقوف لوگ ہی کرتے ہیں۔ جب باہر سے گھر آئیں تو باہر کی دنیا کو باہر ہی چھوڑ آئیں ، باہر کے کاموں کو اپنے دماغ میں بھی لے کرنہ آئیں ، باہر کسی سے اونچ نیچ ہوئی، کوئی مصیبت یا پریشانی کا مسئلہ پیدا ہوا تو اسے باہر ہی چھوڑ آئیں اور گھر کی دنیا میں ان باتوں کو یاد ہی نہ کیا کریں ۔ اس طرح آپ میں اتنی طاقت اور برداشت پیدا ہو جائے گی کہ آپ باہر کے غصے کو گھر والو ں پر نہیں اتاریں گے۔
آ پ سوچیے کہ سارا دن باہر کے ججھٹ میں رہنے کے بعد شام کو گھر واپس آئیں اور ادھر آپ کی بیوی گھر کو صاف ستھرا کر کے ، کھانا بنا ئے اور بنے سنورے انداز میں آپ کا انتظار کر رہی ہو، پھولوں کی طرح چہچہاتے بچے ابو کے انتظار میں اداس بیٹھے ہوں اور آپ کے آنے پر سب میں خوشی کی لہر دوڑ جائے مگر آ پ گھر میں داخل ہوتے ہی گالیاں بکنے لگیں۔ چیزیں اُٹھا اٹھا کر پھینکنا شروع کر دیں اور جنت بھرے گھر کو آناً فاناً جہنم کا گڑھا بنا دیں تو کیا فائدہ؟ کیا اس سے آپ کا نقصان پورا ہوجائے گا؟
نہیں ، اس سے تو آپ کی پریشانی اور بڑھے گی ۔ پہلے آپ اکیلے پریشان تھے ، اب بیوی بچے بھی پریشان ہوں گے۔ سمجھدار شوہر وہ ہوتا ہے جو اس موقع پر گھر کے سکون سے فائدہ اٹھاتا ہے اور گھر کی خوشی میں باہر ے غصے کو بھلا دیتا ہے۔

چین کے حاکم کی کہانی





چین کے کسی حاکم

کہتے ہیں کہ ایک بار چین کے کسی حاکم نے ایک بڑی گزرگاہ کے بیچوں بیچ ایک چٹانی پتھر ایسے رکھوا دیا کہ گزرگاہ بند ہو کر رہ گئی۔ اپنے ایک پہریدار کو نزدیک ہی ایک درخت کے پیچھےچھپا کر بٹھا دیا تاکہ وہ آتے جاتے لوگوں کے ردِ عمل سُنے اور اُسے آگاہ
کرے۔

اتفاق سے جس پہلے شخص کا وہاں سے گزر ہوا وہ شہر کا مشہور تاجر تھا جس نے بہت ہی نفرت اور حقارت سے سڑک کے بیچوں بیچ رکھی اس چٹان کو دیکھا، یہ جانے بغیر کہ
یہ چٹان تو حاکم وقت نے ہی رکھوائی تھی اُس نے ہر اُس شخص کو بے نقط اور بے حساب باتیں سنائیں جو اس حرکت کا ذمہ دار ہو سکتا تھا۔ چٹان کے ارد گرد ایک دو چکر لگائے اور چیختے ڈھاڑتے ہوئے کہا کہ وہ ابھی جا کر اعلیٰ حکام سے اس حرکت کی شکایت کرے گا اور جو کوئی بھی اس حرکت کا ذمہ دار ہوگا اُسے سزا دلوائے بغیر آرام سے نہیں بیٹھے گا۔
اس کے بعد وہاں سے تعمیراتی کام کرنے والے ایک ٹھیکیدار کا گزر ہوا ۔ اُس کا ردِ عمل بھی اُس سے پہلے گزرنے والے تاجر سے مختلف تو نہیں تھا مگر اُس کی باتوں میں ویسی شدت اور گھن گرج نہیں تھی جیسی پہلے والا تاجر دکھا کر گیا تھا۔ آخر ان دونوں کی حیثیت اور مرتبے میں نمایاں فرق بھی توتھا!
اس کے بعد وہاں سے تین ایسے دوستوں کا گزر ہوا جو ابھی تک زندگی میں اپنی ذاتی پہچان نہیں بنا پائے تھے اور کام کاج کی تلاش میں نکلے ہوئے تھے۔ انہوں نے چٹان کے پاس رک کر سڑک کے بیچوں بیچ ایسی حرکت کرنے والے کو جاہل، بیہودہ اور گھٹیا انسان سے تشبیہ دی، قہقہے لگاتے اور ہنستے ہوئے اپنے گھروں کو چل دیئے۔
اس طرح مختلف لوگ گزرتے رہے اور پتھر کو ، حکمرانوں کو برا بھلا کہتے رہے
اس چٹان کو سڑک پر رکھے دو دن گزر گئے تھے کہ وہاں سے ایک مفلوک الحال اور غریب کسان کا گزر ہوا۔ کوئی شکوہ کیئے بغیر جو بات اُس کے دل میں آئی وہ وہاں سے گزرنے ولوں کی تکلیف کا احساس تھا اور وہ یہ چاہتا تھا کہ کسی طرح یہ پتھر وہاں سے ہٹا دیا جائے۔ اُس نے وہاں سے گزرنے والے راہگیروں کو دوسرے لوگوں کی مشکلات سے آگاہ کیا اور انہیں جمع ہو کر وہاں سے پتھر ہٹوانے کیلئے مدد کی درخواست کی۔ اور بہت سے لوگوں نے مل کر زور لگاکرچٹان نما پتھر وہاں سے ہٹا دیا۔
اور جیسے ہی یہ چٹان وہاں سے ہٹی تو نیچے سے ایک چھوٹا سا گڑھا کھود کر اُس میں رکھی ہوئی ایک صندوقچی نظر آئی جسے کسان نے کھول کر دیکھا تو اُس میں سونے کا ایک ٹکڑا اور خط رکھا تھا جس میں لکھا ہوا تھا کہ: حاکم وقت کی طرف سے اس چٹان کو سڑک کے درمیان سے ہٹانے والے شخص کے نام۔ جس کی مثبت اور عملی سوچ نے مسائل پر شکایت کرنے کی بجائے اُس کا حل نکالنا زیادہ بہتر جانا۔

کیا خیال ہے آپ بھی اپنے گردو نواح میں نظر دوڑا کر دیکھ لیں۔ کتنے ایسے مسائل ہیں جن کے حل ہم آسانی سے پیدا کر سکتے ہیں!
تو پھر کیا خیال ہے شکوہ و شکایتیں بند، اور شروع کریں ایسے مسائل کو حل کرنا؟

سندھ میں تین مندروں پر حملہ





اُنھوں نے کہا کہ صوبہ سندھ میں حکمران جماعت پاکستان پیپلز پارٹی کے رکن صوبائی اسمبلی کے کہنے پر پولیس نے نہ صرف مظاہرین پر تشدد کیا بلکہ ان ہندوؤں کے قتل میں ملوث افراد کو گرفتار بھی نہیں کیا۔
شاہ محمود قریشی کا کہنا تھا کہ پاکستان میں اقلیتوں کو تشدد کا نشانہ بنانے کے واقعات میں اضافہ ہو رہا ہے جس کی وجہ سے دنیا بھر میں پاکستان کی بدنامی ہو رہی ہے۔
اُنھوں نے کہا کہ ایسے واقعات کے سدباب کے لیے ایک پارلیمانی کمیٹی بنائی جائے جو اپنی رپورٹ ایوان میں پیش کرے جس پر مناسب قانون سازی کی جائے۔
سابق حکمراں جماعت پاکستان پیپلز پارٹی سے تعلق رکھنے والے ارکان اسمبلی ایاز سومرو اور شازیہ مری کا کہنا تھا کہ اس معاملے کو جذباتی انداز میں نہیں لینا چاہیے۔ اُنھوں نے کہا کہ پولیس اس معاملے کی چھان بین کر رہی ہے، پہلے پولیس کو اس کی تفتیش مکمل کرلینے دیں تو پھر پارلیمانی کمیٹی تشکیل دی جائے۔
عمر کوٹ سے منتخب ہونے والے رکن قومی اسمبلی یوسف تالپور کا کہنا تھا کہ اس معاملے کی چھان بین کے لیے پارلیمانی کمیٹی تشکیل دینے پر کسی کو بھی اعتراض نہیں ہونا چاہیے۔
اُنھوں نے کہا کہ صرف سندھ میں ہی نہیں بلکہ صوبہ بلوچستان میں بھی ہندو تاجروں کو نشانہ بنایا جارہا ہے جس کی وجہ سے ہندو برادری میں عدم تحفظ کا احساس پیدا ہو رہا ہے۔
وفاقی وزیر دفاع خواجہ آصف کا کہنا تھا کہ اقلیتوں کے حقوق کے تحفظ کی ذمہ داری حکومتِ وقت پر عائد ہوتی ہے اور حکومت اس ضمن میں کوئی کوتاہی برداشت نہیں کرے گی۔ اُنھوں نے کہا کہ وفاقی حکومت اس ضمن میں صوبائی حکومتوں سے بھی بات کرے گی۔
قومی اسمبلی میں اقلیتوں پر ہونے والے تشدد کے واقعات کی روک تھام کے لیے پارلیمانی کمیٹی بنانے سے متعلق پیش کی گئی قرارداد متفقہ طور پر منظور کر لی گئی۔ تاہم اس کمیٹی میں شامل اراکین کے ناموں کو چند روز میں حتمی شکل دی جائے گی۔
یاد رہے کہ سپریم کورٹ نے بھی کچھ عرصہ قبل اقلیتوں کے مقدس مقامات کی حفاظت کے لیے حکومت کو خصوصی فورس قائم کرنے کا حکم جاری کر رکھا ہے تاہم اقلیتوں کا کہنا ہے اس ضمن میں حکومت کی طرف سے ابھی تک عملی اقدامات نہیں کیے گئے۔

ہمارا مستقبل اور ظالم سماج




جس بچے کو پیدا ہوتے ہی دودھ کی جگہ سوکی روٹی ملے اور کچھ ہی ماہ کے بعد اپنے کھانے پینے کا بندوبست خُد کرنا پڑے اور 7 سال کی عمر میں جس کو زبردستی جوان بنا دیا جائے اور جس کو بڑے مرد کی طرح اپنے خاندان کی کفالت کرنے پڑے۔ پھر جب وہ حقیقت میں 18 سال کا جوان ہوجاتا ہے تو کیا وہ اپنی ساری محرومیوں کا بدلہ اِس ظالم سماج سے نہیں لے گا؟ اور جب وہ اپنی محرومیوں کا بدلا لینا شروع کرتا ہے تو ہم اُس کو ظالم کہتے ہیں لیکن حقیقت میں اُس کو اِس جگہ تہ پہچانے والے ہم اور ہمارا سماج ہے۔
سیتا ڈی داس

سنڌ جي تعليم




معاشري جي بگاڙ جا سبب
جيڪڏهن اسان آمريڪا جي معاشري جي ڳالهه ڪريون، ته اتي هر لحاظ کان برابري، هر هڪ جي ذميواري ۽ امن ئي نظر ايندو ۽ جيڪڏهن اسان سنڌ جي ڳالهه ڪريون، ته انساني حقن جي برابري نظر نٿي اچي. آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي يا ڪهڙي شئي آهي، جيڪا ان بگاڙ جو سبب ٿي بڻجي؟ ان بگاڙ جو سبب وڏيرڪائي نظام ئي آهي، جنهن جي ڪري وڏيرن ۽ اميرن جا ٻار پڙهي ڪنهن وڏي پوسٽ تي پهچي ويندا آهن، پر ڪنهن غريب يا هاريءَ جي پٽ کي ڪنهن پوسٽ تي ته نه، بلڪه ويتر ان کي احساسِ ڪمتري جو شڪار بڻائيندا آهن، ته جيئن اهو اڳتي وڌي نه سگهي ۽ هميشه لاءِ محڪوم رهي، بيروزگاريءَ جو سبب انهن هارين جي ٻارن کي تعليم کان محروم ڪرڻ آهي. آخر ۾ اهو چوندس ته، اگر اسين سنڌ جا ماڻهو سنڌ ۾ امن ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، ته اسان کي پنهنجي معاشري ۾ برابري پيدا ڪرڻي پوندي ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي تعليم کي ترقي وٺرائڻي پوندي.
امداد علي ڀنگوار
ڪنڌڪوٽ

جنهن قوم ۾ عورت کي غلام ۽ اٻوجه رکيو وڃي ٿو هن قوم جي اچڻ واري نسل اٻوجه، اپاهج ۽ جاهل پيدا ٿيندي۔۔۔


جنهن قوم ۾ عورت کي غلام ۽ اٻوجه رکيو وڃي ٿو هن قوم جي اچڻ واري نسل اٻوجه، اپاهج ۽ جاهل پيدا ٿيندي۔۔۔