Wednesday 13 August 2014

ڏاج جي رسم......گرڏنه لعل سچڏيو/ لاڙڪاڻو





ڏاج جي رسم
ڏاج هن سماج جي هڪ اهڙي رسم آهي، جنهن سبب ڪيتريون ئي نياڻيون، سندن والدين پاران ڏاج ڏيڻ جي سگهه نه هجڻ سبب شاديءَ جي اوسيئڙيءَ ۾ پنهنجا وار چاندي ڪريو ڇڏين. هڪ دوست مونکي ٻڌايو ته، هن پنهنجي زال کي ڌِيءَ لاءِ شادي وقت ڏاج ۽ سامان گهٽ ڏيڻ لاءِ چيو، ڇو ته مڙس کي مالي مجبوريون اجازت نه پيون ڏين، ته سندس زال ڪاوڙجي چيو ته، ”سانون نَڪ نون مَرُ نئين لاوڻي.....“ هڪ هندو دوست ٻڌايو ته، هن پنهنجي ڌِيءَ جو مڱڻو ڪري ڇڏيو آهي، شاديءَ لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ جڏهن هن گهوٽيتن سان رابطو ڪيو، ته گهوٽ جي ماءُ چَورائي موڪليو ته، هن اها باسَ باسي آهي ته، سندس پٽ يعني گهوٽ، ساهرن جي ڏنل نئين ڪار تي ڪنوار وٺي ايندو....ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ايوان جي چونڊيل نمائندن پاران اهڙو قانون آندو وڃي، جنهن سان وڌيڪ ڏاج واري ۽ ڏيکاءُ واري ان رسم جو خاتمو آڻي سگهجي ۽ ان سان گڏ اسان سڀني باشعورن جو به فرض آهي ته، اسان سادگيءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏيون، ڇو ته اسان پاران جوڙيل ۽ وڌايل ان رسم سبب ڪيئي نياڻيون مائٽن جي گهر ۾ مٿي جا وار اُڀا ڪريو ڇڏين ٿيون.
گرڏنه لعل سچڏيو/ لاڙڪاڻو
هيڊپارڪ، روزاني ڪاوش حيدرآباد

0 comments:

Post a Comment