Wednesday 13 August 2014

سنڌ جي تعليم




معاشري جي بگاڙ جا سبب
جيڪڏهن اسان آمريڪا جي معاشري جي ڳالهه ڪريون، ته اتي هر لحاظ کان برابري، هر هڪ جي ذميواري ۽ امن ئي نظر ايندو ۽ جيڪڏهن اسان سنڌ جي ڳالهه ڪريون، ته انساني حقن جي برابري نظر نٿي اچي. آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي يا ڪهڙي شئي آهي، جيڪا ان بگاڙ جو سبب ٿي بڻجي؟ ان بگاڙ جو سبب وڏيرڪائي نظام ئي آهي، جنهن جي ڪري وڏيرن ۽ اميرن جا ٻار پڙهي ڪنهن وڏي پوسٽ تي پهچي ويندا آهن، پر ڪنهن غريب يا هاريءَ جي پٽ کي ڪنهن پوسٽ تي ته نه، بلڪه ويتر ان کي احساسِ ڪمتري جو شڪار بڻائيندا آهن، ته جيئن اهو اڳتي وڌي نه سگهي ۽ هميشه لاءِ محڪوم رهي، بيروزگاريءَ جو سبب انهن هارين جي ٻارن کي تعليم کان محروم ڪرڻ آهي. آخر ۾ اهو چوندس ته، اگر اسين سنڌ جا ماڻهو سنڌ ۾ امن ۽ خوشحالي چاهيون ٿا، ته اسان کي پنهنجي معاشري ۾ برابري پيدا ڪرڻي پوندي ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جي تعليم کي ترقي وٺرائڻي پوندي.
امداد علي ڀنگوار
ڪنڌڪوٽ

0 comments:

Post a Comment