Thursday 14 August 2014

ڪراچي جي سنڌي وسندين لاءِ ناسور بڻيل، ڏوهارين خلاف ڀٽائي آباد جي رهواسين جو مظاهرو



ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڀٽائي آباد جي رهواسين جو بااثر ڏوهاري ماڻهن خلاف احتجاجي مظاهرو، پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ جاني جوکئي ۽ سڪندر چانڊيي چيو ته ڀٽائي آباد، بختاور ڳوٺ، ڌڻي بخش ڳوٺ ۽ راشدي ڳوٺ تي بااثر ڏوهاري مگسي گروپ جو قبضو آهي،  جيڪي هر گهر ۽ دڪان تان ڀتو وصول ڪن ٿا، هنن چيو ته بااثر جو هڪ هٿياربند فورس آهي جيڪو رات جو پهرو ڏيڻ بهاني سان گهرن ۽ دڪان مان ڦر ڪري ۽ انهن خلاف جيڪڏهن ڪو آواز اٿاري ٿو ته ان کي قتل ڪيو وڃي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته بااثر گروپ جي اڳواڻن قربان مگسي، خادم ۽ صبر مگسي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

0 comments:

Post a Comment