Wednesday 13 August 2014

هن دور ۾ تعليم سان گڏ هُنر به ضروري آهي!....صوفي اصغر کوسو/جهڏو




هن دور ۾ تعليم سان گڏ هُنر به ضروري آهي!

دنيا جي ڪيترن ئي سُڌريل ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ اهم ۽ بنيادي شعبن جا مضمون پڙهائڻ سان گڏ موسيقي، شاعري، ٽيلرنگ، رڌ پچاءُ ۽ ڊرائيونگ وغيره سميت ٻيا ڪيترائي فن ۽ هُنر سيکاريا وڃن ٿا، جنهن سان شاگردن کي پنهنجي پسند جي شعبي ۾ طبع آزمائيءَ جو ڀرپور موقعو ملي ٿو. شاگردن ۾ لڪل بيشمار صلاحيتون ظاهر ٿين ٿيون. جڏهن ته اسان جي تعليمي ادارن ۾ فن ۽ هُنر سيکارڻ يا انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ ته پري جي ڳالهه، پر رڳو اسان جا اُستاد، شاگرد ۽ اعليٰ اختياريون سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجيون لاڳاپيل تعليمي ذميواريون نڀائين ۽ تعليمي ادارن مان ڪاپي ڪلچر ۽ هڙتال ڪلچر جو خاتمو ڪن، ته به اسانجي ملڪ جي تعليمي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي. شاگردن کي به ٻين ”غير ضروري“ سرگرمين کان پاسو ڪري فقط پنهنجي تعليم ۽ هُنر ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، ته جيئن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بيروزگاريءَ کان بچي سگهجي. اسانجي ملڪ جي آباديءَ جو تيزي سان وڌڻ ۽ روزگار جا ذريعا مختصر ٿيڻ ڪري، ملڪ اڻکٽ معاشي بحرانن جي ور چڙهيل آهي، جنهن ڪري غربت ۽ بيروزگاريءَ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. مستقبل ۾ انهن مسئلن جا مستقل حل نظر نٿا اچن. جيڪڏهن نوجوان نسل اڃا به پنهنجي بهترين مستقبل لاءِ نه سوچيو، ته حالتون اڃا به خراب ٿي سگهن ٿيون، تنهن ڪري تعليم سان گڏ هُنر ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ حڪومت جي واڳ ڌڻين کي گهرجي، ته تعليمي ادارن سان گڏ فن ۽ هُنر جي سکيا جا ادارا وڌ کان وڌ کوليا وڃن، جنهن ۾ شاگرد تعليم سان گڏ هُنر به سِکي سگهن.
صوفي اصغر کوسو/جهڏو 


هيڊپارڪ، روزاني ڪاوش حيدرآباد
 

0 comments:

Post a Comment