Thursday 14 August 2014

دادو جي سلميٰ ملاح سان انصاف ڪير ڪندو…..؟ – مقصود چانڊيو/ دادو





دادو شهر جي ملاح چوڪ جي رهواسڻ سلميٰ ملاح جو 18 مهينن جو کيرپياڪ ٻار زيب ملاح بااثر سهري ۽ سندس مڙس وٽ گذريل ڪيترن ئي مهينن وٽ قبضي ۾ آهي جنهن سبب ماءُ جي ممتاز ڏينهن توڙي رات تڙپندي گذري ٿي معصوم پٽ جي بازيابي لاءِ 7 مئي ته متاثر ناري سلميٰ ملاح پنهنجي پئ جمن ملاح، ڀاءُ سليم ملاح سميت پنهنجي ڀيڻن، ڀائرن ۽ عزيزن سان گڏجي ڪجهه مهينا اڳ دادو شهر جي ايس ايس پي چوڪ انڊس هائي وي تي ڌرڻو هنيو جنهن تي دادو پوليس حرڪت ۾ آئي ۽ ٻارڙي جو معاملو عدالت تائين پهتو جنهن بعد عدالت پوري جانچ پڙتال بعد سلميٰ جي مڙس ۽ سهري کي حڪم ڏنو ته 18 مهينن جو کيرپياڪ ٻاڙ کيس ماءُ کي ڏنو وڃي پر دادو  پوليس عدالتي حڪمن کي ٿڏي معاملي کي لئي مٽ ڪندي ماءُ کي يقين ڏياريو ته جلد ئي ٻار کي بازياب ڪرايو ويندو پر اهو صرف اعلان ئي رهيو، ماءُ جي مجبور ممتا نيٺ ٻيهر پنهنجي معصوم پٽ جي بازيابي لاءِ 3 جون 2014 تي سوين ملاح برادري جي مردن ۽ عورتن سميت ايس ايس پي چوڪ انڊس هاءِ وي تي ٽينٽ هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي روڪي پر امن احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو جيڪو ڌرڻو ٽچڪندڙ گرمي ۾ به 20 ڪلاڪن تائين جاري رهيو ۽ ان دوران ڪيترائي ڀيرا دادو پوليس پاران ساڳيائي آسرا ڏيڻ لاءِ پهچي ڳالهيون ڪيون پر مظاهرين هڪ به نه ٻڌي ۽ اهوئي جواب ڏنو ته ٻارڙو اڄ ئي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي پر دادو متاثرين کي انصاف ڏيارڻ بجاءِ صبح جي سوير آذان وقت ميڊيا ۽ ماڻهن جي غيرموجودگي ۾ موقعي جو فائدو وٺندي 8 ٿاڻن جي پوليس، بڪتر بند گاڏي ساڻ ڪري متاثرين جي پرامن احتجاج تي 22 ڪلاڪ بعد شيلنگ، لاٺي چارج هوائي فائرنگ ڪري مظاهرين پاران پوليس جون ڳالهيون نه مڃڻ تان پوليس ان ايس ايس پي چوڪ کي دادو جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو، پوليس جي ائين بي لغان ۽ هٿ ڇوٽ لٺبازي، شيلنگ ۽ فائرنگ تي مظاهرين  به ڏمرجي پيا ۽ پوليس مٿان سروٽن جا وسڪارا شروع ڪيا ۽ بڪتر بند گاڏين کي پڻ سروٽا هنيا، پوليس جي بي رحماڻا تشدد ۾ 7 عورت مسمات سلميٰ، فوزيا، فرزانه، سڪينه، سميت 20 کان وڌيڪ مرد، محمد جمن ملاح، اڪبر ملاح، سليم ملاح، حاجي خان ۽ ٻيا رتو رت ٿي ويا جن کي پوليس علاج لاءِ سول اسپتال دادو پهچائڻ بجاءِ عورتن ۽ مردن کي جانورن جيان وارن ۽ ڄنگهين مان پڪڙي سخت مارڪٽ جو نشانو ڪندي کين پوليس موبائيل ۾ وجهي دادو ٿاڻي جي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو جتي متاثر عورتون پوليس کي پٽون ۽ پاراتا ڏينديون رهيون جڏهن ته ٿاڻي تي پوليس متاثرن کي سخت گرمي هئڻ باوجود به پاڻي جو ڦڙو به نه ڏنو جنهن سبب ٿاڻي جي ڪمري بند پيل عورتن مان 2 عورتون مسمات سلميٰ ۽ سڪينه ملاح بيهوش ٿي ويون جن کي پڻ پوليس پرائيوٽ ڊاڪٽر کي اسپتال گهرائي ۽ انجيڪشن ڏني، جڏهن ته پوليس بااثرن ايوب ملاح ۽ سندس ساٿارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ انهن کان رشوت طلب ڪري ملاح برادري سان لاڳاپيل ماڻهن جي گهرن ۽ اوطاقن تي ٻيهر پوليس اٽالا ساڻ ڪري چڙهائي ڪئي ۽ ڪيترائي ملاح گرفتار پڻ ڪيا، واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي آ۽ جي سنڌ جي حڪمن تي ڊي آ۽ جي حيدرآباد ايس ايڇ او دادو اڪبر پنهور سميت 10 پوليس اهلڪارن کي معطل پڻ ڪيو پر ايس ايڇ او دادو اڪبر پنهور آءِ جي سنڌ جي حڪمن کي ٿڏي ساڳئي ڪرسي تي اي سيڪشن ٿاڻي تي موجود آهي ۽ ڌرڻي دوران گرفتار ڪيل 10 ڄڻن مٿان دهشتگردي ۽ امن امان کي خراب ڪرڻ جا ٻه ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا جن کي ٻئي ڏينهن نوشهروفيروز جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ آندو ويو جتي مظاهرين کي عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. دادو پوليس مظاهرين کي موري ۾ جانورن جيان ڦٽو ڪري دادو موٽي آئي، جڏهن ته  دادو پوليس جي اهڙي رويي تي نه صرف دادو واسين جي دل آزاري ٿي آهي پر پوليس کي به سٺي نظر سان نٿو ڏٺو وڃي ۽ سياسي سماجي مذهبي تنظيمن سميت شهرين پڻ واقعي جي ڪيترائي ڀيرا سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته دادو جي مقامي عدالت پاران ايس ايڇ او دادو اڪبر پنهور سميت 10 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪرڻ باوجود به مذڪوره ايس ايڇ او پاران ڊيوٽي ڪرڻ خلاف متاثرن سخت احتجاج پڻ ڪيا آهن پر تنهن باوجود به اعليٰ اختيارين جي ڪن تي جون به نه چري آهي، متاثر ناري سلميٰ ملاح ٻڌايو آهي ته ٻارڙو به اسانجو اغوا ڪيو ويو ۽ پوليس اسانکي جانورن جيان تشدد جو نشانو بڻايو انصاف ڪرڻ بجاءِ پوليس ظلم ڪيو ۽ بابا سميت 20 ڄڻن کي رتو رت ڪيو جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته دادو پوليس صرف رشوت خوري ۾ پوري آهي.

0 comments:

Post a Comment