Thursday 14 August 2014

جيڪب آباد جا مسئلا ڪير حل ڪرائيندو؟



محترم اعجاز جکراڻي صاحب اوهان گذريل ڏهن سالن کان وزير هئڻ باوجود شهر کي هيل تائين ڪجهه ناهي ڏنو. نه ئي ڪا پلاننگ مرتب ڪئي آهي. جيڪب آباد شهر ۾ هڪ عام تاثر ماڻهن جي ذهنن ۾ ويٺل آهي ته جيڪب شهر هڪ قطعي عددي اڪثريت جکراڻين جي هئڻ ڪري جکراڻين جو شهر سڏيو وڃي ٿو پر انهي باوجود پاڻي صاف ۽ مٺو نه هئڻ ڪري، ٻار پوڙها ۽ عورتون به پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي لاءِ پريشان آهن. ان کان پوءِ شهر جي ورڊن تي نظر وجهون ٿا ته شهر جا مُکُ روڊ ڪوئيٽا روڊ ڪيترن سالن کان کنڊر بڻيل آهي. ٻئي پاسي ميان محمد سومري جي نالي سان ٺهندڙ لائبريري جنهن جو نالو تبديل ٿي هاڻي شهيد بينظير لائبريري رکيل آهي. ان جي اندر به ڪنهن قسم جي سهوليت مسير ناهي. جيڪب آباد ۾ هڪ شهباز ايئر بيس آهي جيڪو هن وقت شهر جي ايراضي کان ٻيڻ تي وڏو ايئر بيس پورٽ آهي جيڪو پاڪستان جي وڏي ائيرپورٽ جي نالي سان رٿا جوڙي پئي وڃي. جنهن جي وڏي ٿيڻ سان ۽ ان ۾ لهندڙ جنگي جهازن جي  اڏامڻ سان شهر جي ويجهي پسگردائي  ۾ رهندڙ عوام، ٻارڙا، ڳورهارين عورتن، بيمار پيلن مريضن کي خاص ڪري دماغي بيمارين ۽ ذهني شاڪ جو نقصان ٿيڻ جو امڪاني خدشو پڻ لاحق آهي ۽ هن وقت شهر ۾ بجلي جو بحران چوٽ چڙهيل آهي لوڊشيڊنگ روز 14-12 ڪلاڪن تائين رهندي آهي، جنهن سبب ڪاروباري مرڪز کي به وڏو ڌڪ رسي پيو. وري مٿان شهر ۾ ڪو به آفيسر T.M طور مقرر ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جي گهرج آهي. اعجاز جکراڻي صاحب پاڻ عملي طور انهن مڙني مسئلن لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري پاڻمرادو تحرڪ وٺي عوام جي اميدن تي پورو لهي ڏيکاريو،

0 comments:

Post a Comment