Wednesday 13 August 2014

جيڪڏهن سنڌي ٻولي کي بچائڻو آهي ته ان کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائڻو پوندو.




حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌي ٻولي اختياري پاران مادري ڏينهن جي موقعي تي ٻولي سيمنار ڪيو ويو. انهي موقعي تي ٻولي اختياري جي اڳوڻي چئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا چيو ته سنڌي کي جيڪڏنهن بچائڻو آهي ته ان ٻولي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائڻو پوندو. هن چيو ته جيستائين ڪا ٻولي مارڪيٽ جون گهرجون پوريون نه ڪري سگهندي تيستائين اها ٻولي زندهه نه ٿي رهي سگهي. ان ڪري سنڌي ٻولي کي مارڪيٽ جي ٻولي بنائڻ لا ٻولي کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائڻ گهرجي. هن سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري تي تنقيد ڪندي چيو ته هي ادارو رڳو نالي ۾ باختيار آهي باقي هون  هي ادارو بلڪل بي اختيار ادارو آهي.هن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ تي پڻ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ان اداري ۾ نصاب جوڙڻ لا جن ڄاڻو ماڻهن کي رکڻ جي ضرورت آهي اهي نٿا رکيا وڃن.هن چيو ته جيڪا شي هڪ دفعو هٿن مان نڪريو وڃي ٿي ته اها وري هٿ ۾ نٿي اچي.هن مثال ڏيندي چيو ته قائد اعظم جهرڪن ۾ ڄائو پر هاڻ ان ڳالهه کي ڪير به مڃڻ لا تيار ناهي ۽ اها اهم ڳالهه اسان پنهنجي هٿن مان ڪڍي ضايع ڪري ڇڏي.هن چيو ته سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ سنڌي ڳالهائڻ جو رجهان وڏي تيزي سان گهٽجي رهيو آهي . هن مثال ڏيندي چيو ته قاسم آباد ۾رهندڙ60 سيڪڙو سنڌي آبادي پنهنجي گهرن ۾ به اردو ٻولي ڳالهائڻ لڳا آهن.هنچيو ته سنڌي ٻولي جو هر لهجو اهم آهي. ان ڪري لکڻ پڙهڻ ۽ پبلشرن کي ٻولي جي هر لهجي ۽ ان جي اچار کي مان ڏيڻ  گهرجي.دانشور جامي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته 18 ترميم کان پو سنڌ اسيمبلي کي پنهنجي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو قانون اختيار آهي. جنهن کي هر صورت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته مادري ٻولي ۾هر  ٻار کي پڙهڻ جو حق آهي جيڪو ٻارن کي ملڻ گهرجي.هن چيو ته سنڌي سماج ۾ شهرن جي بدران ڳوٺن ۾نج سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.جڏنهن ته ان جي مقابلي ۾ شهرن ۾ نجي اسڪولن جا استاد ۽انهن جا هيڊ سنڌي ۾ ڳالهائڻ ۾ به شرم محسوس ڪن ٿا.پروگرام۾ مئڊم سحر امداد ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي سان ميڊيا، شاعرن ۽ اديبن وڏو قهر ڪيو آهي ۽ ٻولي کي لاڳيتو بگاڙي رهيا آهن.جيڪو هاڻ نه ٿيڻ گهرجي.سنڌي ٻولي ۾ آيل اسمن کي بولي پنهنجي اثر آڻن کان پو ضمير ۾ تبديل ڪري رهي آهي.پروگرام ۾ فهميده حسين،تاج جويو، شازيه پتافي۽شبير ڪنڀار پڻ ڳالهايو


0 comments:

Post a Comment