Thursday 14 August 2014

ڏڪار جو مستقل حل..!!





گذريل ٻن هفتن کان ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا جا نمائندا پاپازاري ڪئمرامين ۽ فوٽو گرافر ڊي ايس ايل لائيو گاڏين ساڻ ٿر ۾ لٿل آهن، ملڪ جا اقتدار ڌڻي ۽ زورآور ڪامورا پڻ ٿر ياترا ڪري رهيا آهن، پر رڪارڊ جي درستگي لاءِ اهو لکڻ ضروري آهي ته مٿيان سڀئي همراهه ٿر تڏهن پهتا آهن، جڏهن ارنرو کان اڏاڻي ۽ ڪاسبو کان ڪيرٽي تائين هڪ سئو سٺ (160) کان وڌيڪ معصوم ٻاررن جي موت جا تڏا وڇائجي چُڪا آهن ۽ مارئي جي ملڪ ۾ سوڳوار فضا ڇانيل آهن.
اهڙي ڀيانڪ صورتحال دوران به سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ان ڳالهه تي اعتراض آهي ته ٿري عورتن ان سان گفتو گهونگهٽ ۾ ڪئي ۽ جڏهن وزير اعظم نواز شريف پهتو ته انهن گهونگهٽ هٽائي ڳالهه ٻولهه ڪئي! ٿر جو ڏڪار اصل محبتون ڪهڙيون کڻي ايندو آهي، ڏڪار دوران ڪهڙا ڪلوڙ ٿيندا آهن ۽ ان مسئلي جو مستقل حل ڪهڙو هجڻ گهرجي، اچو ته پاڻ ٿورڙو ان انتهائي اهم ۽ سنجيده مسئلي تي سوچيون ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪريون.
هاڻ جيڪڏهن ذميوارين ۽ انجي مستقل حل طرف اچون ته ٿورڙو ملڪ جي سياسي سماجي حالتن جي دنيا ۾ ايندڙ تيز تبديلين طرف به نظر ڊوڙائڻي پوندي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي ريگستاني صحرا ٿر جي سرحدي پٽي تي ڀرسان ئي پاڙيسري ملڪ ڀارت جو ٿر موجود آهي. موسمون، ماڻهو، ٻولي، ڪلچر ۽ سڀ ڪجهه هڪجهڙا ئي ملندي. پوءِ اتي هر سال ايئن بي يارو مددگار ٿي ماڻهو ڇو نٿا مرن. اوهان کي اهو ٻڌي ۽ پڙهي حيرانگي وٺي ويندي ته ڀارت جي ٿر ۾ اتان جي حڪومتي سهڪار سان ماڻهو گگرال جي فصل طور ساليانو پوکي ڪن ٿا ۽ ڪروڙين رپيا گگرال جي فصل مان ناڻو ڪمائين ٿا. اسان جي ٿر ۾ گگرال جي وڻ کي زهريلي ”ڪار بوليڪ ائسڊ“ نالي ڪيميڪل سان ٽُڪو هڻي ان جو نسل ئي ختم ڪيو پيو وڃي. مشرف دور کان وٺي هيل تائين ٿر ۾ کارو پاڻي مٺو ڪرڻ جا سوين آراو پلانٽ لڳايا ويا. هڪ پلانٽ تي هڪ ڪروڙ جي لاڳت ڏيکاري وئي، حالت اها آهي جو نجي ڪمپني جي نااهل ڪامورن ۽ مقامي پٽيلن ۽ سماجي جمعدارن جي ملي ڀڳت سان ان پلانت کي هلائڻ لاءِ جنريٽر خاطر ملندڙ تيل کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. اهي پلانت غلط پلاننگ ۽ فني مهارت جي ابتڙ لڳايا ويا، جنهن سبب ملڪ جو اربين رپين جو ناڻو تباهه ٿي ويو ۽ فائدو به نه مليو.
ارباب دور ۾ مليل وزيراعظم ٿر پئڪيج جا 12 ارب رپيا به رفو چڪر ڪيا ويا. ڪميونٽي سينٽرن جي آڙ ۾ وڏيرن ۽ ٿر جي پٽيلن اوطاقون ۽ ذاتي بنگلا تعمير ڪرايا. ٿر ۾ هڪ به گائينوڪلاجسٽ، چائلڊ اسپيشلسٽ مقرر نه ڪيو ويو. ويم گهر موجود ناهن. کاڌو نه ملڻ سبب ٻارڙا جڏهن موت جي منهن ۾ وڃي رهيا هئا، تڏهن ٿر ۾ وڏي وزير جي ٽيم وزيرن، مشيرن جي خوشامد لاءِ 40 طعام تيار ڪيا ويا هئا. ملاڻي جي محلات ۽ موتي محل ۾ سينڊ وچ تيار پي ڪيا ويا ۽ ارباب صاحب جي کيت لاري، ڍوڍاوري ۽ ڇهون واٽر تي پهتل مهمانن لاءِ منزل واٽر ۽ شگر فري ڪولڊ ڊرنڪ کڄي پي ويا ۽ گل لاٽ صاحب پنهنجي ڪاروباري اسٽاڪ ايڪسچينج جي لاهن چاڙهن جا حساب ڪتاب ڪري رهيو هو. سول سوسائٽي جا نام نهاد اڳواڻ ۽ اين جي اوز جو طلسماتي لبادو اوڍي ٿر پهتل عالمي ڊونرن جا ڀاڙيتو ايجنٽ ليپ ٽاپس ذريعي ڊيٽاگڏ ڪري رهيا هئا ۽ ”تڏن“ ڪمرن ۾ ويهي نوان پراجيڪٽ لانچ ڪرڻ لاءِ حرفتي لڪيرن وارا سائنسي گراف تيار ڪري نيري، سائي، پيلي ۽ ڳاڙهي رنگ جا نشان ڏئي رهيا هئا. ٺيڪ اهڙين دل ڌوڏيندڙ حالتن ۾ به نيمٻراج ڀيل کان وٺي پاروتي ڪولهڻ تائين سوين معصوم ٻارڙن جي لاشن کي ٿر واسي مائٽ پويتر ڌرتي جي آغوش ۾ لڪائي دفنائي رهيا آهن ۽ عالم اختيار کي ٽڪي جو به الڪو نه ٿيو، پر حيرت ان تي آهي جو اقتدار ڌڻي ۽ ٿرين جي ووٽ تي هنڀوڇيون هڻندڙ وڏيرا امداد جي ورهاست واري پٽيلي چڱ مڙسي لاءِ فوٽ پٽيون کڻي ڊگهي مدت تائين مال ڪمائڻ جا ماڻ ماپا طئي ڪرڻ جي چڪر ۾ رُڌل هيا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي جو انهي ڏڪار ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل بنيادن تي ڪا ديرپا پلاننگ ڪئي وڃي. ٿر واسين کي انهيءَ امدادي خيرات واري ڪلچر ۾ ڌڪڻ بجاءِ انهن جي هميشه لاءِ انهن محبتن مان ڇوٽڪاري لاءِ صحت، تعليم، روزگار جي وسيلن ۽ موجودگي لاءِ ڪي مستقل ڪوششون ٿيڻ کپن ۽ انهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ بجاءِ پنهنجو سمجهي انهن کي به ڊفينس، بليو ايريا ۽ ٻين علائقن ۾ موجود سهولتن جهڙيون حالتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ۽ مالڪي توڙي وارثي نه ڪندڙ ڪامورن توڙي سياستدانن کان سيٽون ۽ ڪرسيون کسي ڪنهن مسڪين جهان خان کوسي جهڙي انسان کي اڳتي آندو وڃي پوءِ ڏسو ته تبديلي اچي ٿي يا ڪونه ٿي اچي. باقي رڳو فوٽو سيشن جو هيراڪ بڻجي پنهنجن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ جو اهو سلسلو جاري رکيو ويو ته تاريخ اهڙن حڪمرانن توڙي ڪامورن کي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن غدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪندي ۽ چون ٿا ته تاريخ ڏاڍو بي رحم هوندي آهي، اها ڪنهن جو پورهيو جتي ضايع نه ڪندي آهي اُتي ساڳئي وقت اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ جو ڪم به ڪندي آهي.
الياس ٿري



0 comments:

Post a Comment