Wednesday 13 August 2014

ڇا ناري نازڪ آهي؟ سيتا ڊي داس





ڇا ناري نازڪ آهي؟

هن فوٽو ۾ هڪ ناري جيڪو گيس سلينڊر ۽ گھر جو سامان کڻي پهاڙ تان لهي پئي منهنجي خيال ۾ جهڙي تهڙي مرد کان بہ اهو ڪم ڪون ٿيندو جيڪو هن پهاڙي ڳوٺ جون ناريون روز ڪنديون آهن هو ڪاٺيون، اناج، گاه، گھر ٺاهيڻ جو ڪاٺ ڪاٻاڙو وغيره پنهنجي پٺن تي کڻي اينديون آهن ۽ حيرت جي ڳاله آهي تہ مرد هن کي صرف سامان کڻائيڻ ۾ مدد ڪندا آهن۔

پنهنجي جي سنڌ جي ڳوٺن جي ناري جي بہ ساڳي حالت آهي هو بہ پنهنجي مٿي تي فٽيون، ڪڻڪ، ساريون، توريو وغيره سڄو ڏينهن مٿي تي کڻي ڳڏ ڪنديون آهن ۽ شام جو 40 کان 50 ڪلو جيترو گاه 2 کان 3 ميل جي فاصلي کان کڻي گھر اينديون آهن مرد صرف ڪهاڙي کڻي آڳيان ٿي هلندو آهي۔
پوءُ بہ مرد جو خيال آهي تہ عورت نازڪ آهي۔ مان هن ڳاله تي حيران ٿي ويندي آهيان تہ ڪهڙي ڳاله ۾ عورت نازڪ آهي۔ جيڪو بہ ڪم مرد ڪري ٿو اهو سڀ ڪم عورت بہ ڪندي آهي۔ مثلاً: هارپو، مزدوري، آفيس ورڪ، ماستري، سرڪاري آفيسر، وزير اعظم، سائينسدان، فوجي، شڪار، F16 جيڪو جنگي جهاز آهي هن کي هلائيڻ وغيره وغيره ٻيو ڪهڙو ڪم آهي جنهن سان عورت ڪمزور نظر اچي ٿي؟
 سيتا ڊي داس

0 comments:

Post a Comment