Wednesday 13 August 2014

سنڌي سميت ملڪ جي مڙني ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي: اديب ۽ دانشور



حيدرآباد(رپورٽ: فهميده جروار) سنڌيءَ سميت پاڪستان جي سمورين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي انهن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لازمي تدريس جي سلسلي ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي کي وڌيڪ بااختيار بڻائي، خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن کي تعليم کاتي ۽ اٿارٽي جي سفارشن سان مشروط ڪيو وڃي، دفترن ۾ سنڌي ٻولي جي استعمال کي يقيني لاءِ سرڪاري سطح تي اپاءَ ورتا وڃن، اسيمبليءَ کان وٺي ضلعي حڪومتن جي هيٺين پرتن تائين سنڌيءَ جو استعمال ڪيو وڃي. سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ۾ ڪارروائي هلائي وڃي، سنڌي ٻولي جي ذريعي تعليم واري حيثيت پهرين ڪلاس کان بحال رکي وڃي، شاهه لطيف جي شاعريءَ جا پنجابي، بلوچي، سرائيڪي، براهوي، پشتو ۽ ٻين ٻولين ۾ منظوم ترجمان ڪرايا وڃن ۽ انهن ٻولين جي عظيم شاعرن جي ڪلام جا سنڌي ٻولي ۾ منظوم ترجمان ڪرايا وڃن. سنڌ جي نوجوان محققن کي لسانيات جي جديد تعليم ڏيارڻ لاءِ سنڌ حڪومت اسڪالر شپن جو اعلان ڪري. اردو يونيورسٽي وانگر سنڌي يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي، سمورين موبائل ڪمپنين، دوائن جي ڪمپنين، مشروبات جي ڪمپنين کي سرڪاري طرح پابند ڪيو وڃي ته پنهنجا ليبل سنڌي ۾ شايع ڪن، اهڙي گهر سنڌ جي ليکڪن، اديبن، شاعرن، شاگردن، صحافين، سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڪالهه ثقافت جي عالمگيريت ۽ مادري ٻولي جي اهميت جي حوالي سان سافڪو پاران ڪوٺايل ليڪچر پروگرام ۾ ڪئي، سافڪو آفيس ۾ ليڪچر ڏيندي ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته گلوبلائيزيشن به ڪالونائيزيشن آهي، گلوبلائيزيشن سبب ڪيتريون ئي ٻوليون خطري ۾ آهن، هن چيو ته 17 سئو ٻوليون آهن ۽ ٻولي هڪ ٻئي سان اظهار جي ذريعي سميت سڃاڻپ پڻ آهي. ڀارت ۾ رياستي ٻوليون محفوظ آهن ۽ سنڌ ۾ تعليم بي اثرائتي آهي. چئن ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي ۽ اردو کي رابطي جي ٻولي قرار ڏنو وڃي، 67 سال گذرڻ باوجود ٻاهران آيل ماڻهو سنڌي نه سکي سگهيا آهن، هن چيو ته ڌاري ٻولي مقامي ٻولين کي نقصان ڏئي ٿي، اردو ٻولي لساني جبر پئي ڪري، ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزي کي رابطي جي ٻولي چيو پيو وڃي، اردو ۽ انگريزي پاران سنڌي ٻولي تي وڏو جبر آهي ۽ انهيءَ سبب ٻولي ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. ان موقعي تي جامي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته ميڊيا ۽ اين جي اوز ٻولين ۾ بگاڙ پيدا ڪيو آهي، جنهن تي سڀني سنڌ واسين کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.ان موقعي تي سافڪو جي اڳواڻ سليمان جي ابڙو ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي جو بچاءَ ۽ بقا پرائمري تعليم ۾ آهي، اسان سنڌي ٻولي بچائڻ لاءِ پرائمري تعليم کي سگهارو ڪيون اهو اسان جو فرض آهي. اسان کي گهرجي ته ماضي جيان بحث ۽ مباحثن ذريعي سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪيون،. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ذوالفقار هاليپوٽو، ايڇ آر سي پي جي ڊاڪٽر اشو ٿاما، روزاني سنڌ جي ايڊيٽر جعفر ميمڻ، عوامي جمهوري پارٽي جي مختيار عباسي ۽ ٻين پڻ ڳالهايو، جڏهن ته روزاني سنڌ جي چيف ايڊيٽر مهيش ڪمار، سماجي اڳواڻ پنهل ساريو، ايس پي او جي ريجنل مئنيجر مصطفيٰ بلوچ، هينڊز جي اڳواڻ رزاق عمراڻي، پي ايف ايف جي سهيل صديقي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

1 comments:

Post a Comment