Wednesday 13 August 2014

عورت جي شادي موت وانگر آهي





عورت جي شادي موت وانگر آهي

عورت کي شادي ڪري پنهنجو گھر، مٽ مائٽ، ساهيڙيون ۽ ساٿياڻيون پنهنجا پيارا، مطلب تہ ارڙهن ويه سال جنهن ماحول ۾ گذاريائين ۽ جن شين ۽ ماڻهن سان لاڳ لاڳاپا هئيس، سي هڪ دم ڇڏڻا پون ٿا ۽ هن کي اڻ ڏٺل دنيا ڏانهن وڃڻو پوي ٿو۔ اها عورت جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي المناڪ ڳاله آهي۔اها هن لائي موت برابر ڳاله آهي۔ هن جي درد جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي۔ دنيا جو اهو دستور ٿي ويو آهي جو هن کي اهو دستور درد برداشت ڪرڻ لاءِ آماده ڪري ٿو۔


تحرير: نجم عباسي چونڊ: سيتا ڊي داس

0 comments:

Post a Comment