Wednesday 13 August 2014

مختصر ڪهاڻي



مختصر ڪهاڻي 

”تنهنجي مڙس توکي طلاق ڇو ڏني؟“
”غيرت ۾“
”ڇو تو مڙس جي اعتماد کي دوکو ڏنو؟“
”نه“
”ته پوءِ؟“
”روز پنهنجي عشق جو هڪ نه ٻيو داستان ٻڌائيندو هو، هزارين قصا ٻڌم، هڪ ڏينهن چرچي خاطر مان به چيومانس ته مون به پيار ڪيو هو“

”ته انهي ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي“

”اها ئي ته وڏي ڳالهه آهي پنهنجا عشق جا داستان وڏي بهادري ۽ فخر سان ٻڌائڻ واري مڙس منهنجي چرچي کي منهنجي بي غيرتي ، بي حيائي، دوکو ، فريب، رياڪاري چيو ۽ نيٺ طلاق ڏيئي ڇڏيائين ..........؟“

Shahzad Ali Lashari

0 comments:

Post a Comment